پاڪ فوج دفاع جي هر محاذ تي شيهي جي ديوار بڻيل آهي: صدر ممنون حسين

پاڪ فوج دفاع جي هر محاذ تي شيهي جي ديوار بڻيل آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 25مارچ2017ء) صدر ممنون حسين هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج دفاع جي هر محاذ تي شيهي جي ديوار بڻيل آهي ۽ پاڪستاني فوج جي موجودگي ۾ ملڪي سالميت تي ڪوبه ڌٻو اچي نٿو سگهي، حڪومت پاڪ فوج کي جديد جنگي هٿيارن سان ليس ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستاني فوج جي وڏي کاڌي ۽ هٿياربند فوج جي گڏيل پريڊ جي سلسلي ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن ۽ جوانن جو وڏو تعداد به موجود هو. صدر هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي يوم پاڪستان جي شاندار پريڊ جي انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي پريڊ پاڪستاني فوج جي مثالي نظم ۽ ضبط ۽ ان جي بهترين دفاعي صلاحيتن جو ناقابل ترديد ثبوت آهي، هن چيو ته قوم کي فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن تي فخر آهي ۽ ملڪ جي تحفظ، سالميت ۽ عزت وقار جي علامت آهي. صدر آفيسرن ۽ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته 23 مارچ جي پريڊ ۾ توهان جي پرجوش ڪارڪردگي قوم جي جذبن کي جلا بخشي آهي، توهان جي کڄندڙ هر قدم پاڪستان جي دشمنن جي دلين تي ڌاڪ ويهاري ڇڏي آهي ۽ قوم جي ان اعتماد جي تجديد به آهي ته پاڪستاني فوج پيشيوراڻي صلاحيتن سان ليس ٿي ملڪ جي دفاع جي لاءِ هر ڏينهن سينو سپر آهي. هن چيو ته پريڊ ۾ چين ۽ سعودي عرب جي دستن کانسواءِ ترڪ بينڊ جي شرڪت اسان جي خوشين کي ٻيڻو ڪيو آهي، جيڪو اسان جي انهن دوستن جي پاڪستان سان لازوال دوستي جو ثبوت آهي جنهن تي اسان انهن جا ٿورائتا آهيون. صدر چيو ته پريڊ قوم ۾ اهوئي جذبو بيدار ڪيو آهي جنهن جو مظاهرو اسان جي بزرگن تحريڪ پاڪستان جي دوران ڪيو هو، توهان جي پريڊ پاڪستان جي وقار ۽ تشخص کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو آهي ۽ توهان جي اعليٰ عسڪري معيار، فخر ۽ وقار جي علامت ميڊلن ۽ جديد هٿيارن دشمنن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، آئون توهان کي نصيحت ڪريان ٿو ته پاڪستان جي عظمت ۽ سربلندي جي لاءِ پنهنجو جذبو انهي طرح جوان رکو. صدر چيو ته پاڪستاني فوج هر مشڪل گهڙي ۾ جهڙي طرح ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي، اها بي مثال آهي، قوم جي اها خواهش آهي ته فوج جو جذبو ائين ئي جوان رهي ۽ اسان جو هي قابل فخر ادارو هر گذرندڙ ڏينهن سان جديد رخن تي اڳيان وڌي ۽ مضبوط کان مضبوط تر ٿيندو وڃي ته جيئن دشمن ملڪ تي بري نگاهه وجهڻ جي جرئت ئي نه ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان فوج کي جديد جنگي آوزارن سان ليس ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي ڇو ته دهشتگردي، اندروني ۽ بيروني سازشن ۽ خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان جي دفاعي قوت ۽ تياري ئي اسان کي مشڪلاتن ۽ خطرن کان محفوظ بڻائي سگهي ٿي. هن پاڪستاني فوج جي دلير آفيسرن ۽ سپاهين جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته آفيسرن ۽ جوانن کي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيا، آپريشن رد الفساد به اسان جي انهي قومي عزم جو مظهر آهي ته اسان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڄميل رهنداسين. هن چيو ته قائداعظم پاڪستاني فوج کي ايمان، تنظيم ۽ اتحاد جو نعرو ڏنو هو، فوج ان نعري کي مشعل راهه بڻائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندي رهندي، ان جي نتيجي ۾ هڪ طاقتور، مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان پنهنجي سمورن مسئلن تي ضابطو آڻي فتح نه ٿيڻ جوڳو ٿي ويندو. صدر ان موقعي تي پريڊ ۾ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن، جوانن، پريڊ ۾ مدد ڪندڙ سول انتظاميه جي مختلف کاتن جي ادارن ۽ ثقافتي فلوٽ بڻائڻ وارن فنڪارن کي به اعزاز ڏنا. چين ۽ سعودي عرب جي آفيسرن کي به اعزازي شيلڊون ڏنيون ويون. چين جي شيلڊ چين جي سفير وصول ڪئي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل لاجسٽڪس ميجر جنرل محمد جعفر به خطاب ڪيو.