ظلم جي هر دور ۾ معراج محمد خان جو آواز بلند هو: وفاقي وزير سينيٽرپرويز رشيد

ظلم جي هر دور ۾ معراج محمد خان جو آواز بلند هو: وفاقي وزير سينيٽرپرويز رشيد

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ظلم جي هر دور ۾ معراج محمد خان جو آواز بلند رهيو آهي، سندس شخصيت ۾ جبر جي خلاف للڪار هئي، هو آمريت جي خلاف سدائين سرگرم رهيو، هو ملڪ مان جهالت جي اونداهي ختم ڪرڻ چاهيندو هو، هو اسان کان وڇڙي ضرور ويو آهي پر سندس سوچ ۽ فڪر اسان سان گڏ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ سياسي اڳواڻ معراج محمد خان مرحوم جي ياد ۾ ڪالهه اربع ڏينهن تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. تعزيتي ريفرنس معراج محمد خان جي عزيزن منعقد ڪيو آهي. وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته معراج محمد خان سدائين ظلم ۽ جبر جي خلاف آواز بلند ڪيو ۽ هو آمريت جي دور ۾ جمهوريت تي پابندين جي خلاف اٿندڙ آواز هو، مرحوم آمريت جي خلاف جدوجهد جي لاءِ قيد جون سختيون برداشت ڪيون. وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو ته معراج محمد خان جهالت جي اونداهي ختم ڪري ملڪ ۾ علم جي روشني پکيڙڻ ٿئي چاهي. هن معراج محمد خان جي جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو اسان جي لاءِ اثاثو هو. هن چيو ته اڄ اسان کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جي نشاندهي مرحوم ڪيترائي ڏهاڪا اڳ ڪئي هئي، جن عنصرن جي خاتمي لاءِ اڄ رياستي ادارا سرگرم آهن جيڪڏهن ان وقت سندس آواز ٻڌو وڃي ها ته اڄ حالتون مختلف هجن ها. هن چيو ته آمريت جي خلاف معراج محمد خان جي جدوجهد کي گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو، مرحوم مسئلن کي لکڻين ذريعي حل ڪرڻ جو حامي هو. هن چيو ته آمريت جي دور ۾ لکڻ جي حق کي غضب ڪيو ويو. پرويز رشيد چيو ته معراج محمد خان جي شخصيت ۾ جتي جبر جي خلاف هڪ طرف للڪار هئي اتي سندس شخصيت ۾ نرمي ۽ شائستگي پڻ موجود هئي جن جي ڪجهه لمحن جو آئون به گواهه آهيان. تقريب کي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ خطاب ڪيو. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:53