رينجرز کي سنڌ حڪومت پاران ڏنل اختيارن بابت صورتحال جي آئين تحت وضاحت ڪئي وڃي: سيد نويد قمر

رينجرز کي سنڌ حڪومت پاران ڏنل اختيارن بابت صورتحال جي آئين تحت وضاحت ڪئي وڃي: سيد نويد قمر

اسلام آباد(پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد نويد قمر چيو آهي ته رينجرز کي سنڌ حڪومت پاران ڏنل اختيارن بابت صورتحال جي آئين تحت وضاحت ڪئي وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سيد نويد قمر اعتراض واري نقطي تي چيو ته سمورين اخبارن جي خبر آهي ته سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر گهرو وزارت ان کي نه پئي مڃي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 147 تحت صوبن کي اختيار حاصل آهي ته هو ڪنهن حد تائين وفاق کي اختيار ڏئي سگهي ٿا جتي جنهن جو اختيار آهي اهو ئي استعمال ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته حڪومت آئين تحت ان صورتحال جي وضاحت ڪري.