پاڪستان ترڪمانستان سان متحرڪ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِپرعزم آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق

پاڪستان ترڪمانستان سان متحرڪ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِپرعزم آهي: قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ترڪمانستان سان متحرڪ پارلياماني لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ترڪمانستاني هم منصب مسز اڪجاتا جيونا جي سربراهي ۾ پاڪستان جي دوري تي آيل ترڪمانستان جي پارلياماني وفد سان ڪالهه اربع ڏينهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ترڪمانستان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي جاگرافيائي پوزيشن ۽ گڏيل مفاد قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان پاران ڪيل ڪوششن ۾ ترڪمانستان کي پاڪستان جو حصيدار قرار ڏنو. هن وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ترڪمانستان جي صدر جي وچ ۾ گذريل 14 مهينن دوران ٿيندڙ ڪيترين ئي ملاقاتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ترڪمانستان پارليامينٽ جي چيئرپرسن مسز اڪجاتا جيونا چيو ته ترڪمانستان ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن کي فروغ ڏئي پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪ ترڪمانستان تعاون سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي نئين لهر ايندي. هن چيو ته ترڪمانستان پاڪستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پاڪستان کي پنهنجو دوست ۽ ڀاءُ تصور ڪري ٿو.