اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) قومي اسيمبلي ۾ ميمبرن سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سفارتخاني کي متحرڪ ڪرڻ ۽ حڪومت پاران سنجيده نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شگفته جماڻي چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني مسئلن جي ور چڙهيل آهن، سعودي عرب ۾ رهندڙ پنڊي جي هڪ شهري شاهد اقامه ۾ واڌ نه ٿيڻ سبب خودڪشي ڪري ڇڏي، عبدالغفار ڊوگر چيو آهي ته ڪجهه ٻاهرين ملڪ ڪمپنين جي اڪائونٽن کي اتان جي حڪومت منجمند ڪيو آهي جنهن سبب پاڪستاني پورهيت متاثر ٿي رهيا آهن، جيڪڏهن اتان جي حڪومتن سان اعليٰ سطح تي مسئلو کنيو وڃي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. صاحبزاده يعقوب چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڏکيائين ۽ مصيبتن ۾ ورتل ۽ محرومي جي حالت ۾ آهن، حڪومت ان جو سنجيده نوٽيس وٺي ۽ پنهنجي سفارتخاني کي متحرڪ ڪري. محمد جمال الدين چيو ته سعودي عرب ۾ رهندڙ پورهيتن ساڻس ذاتي طور تي ملاقات ۾ کيس پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو آهي، انهن جا مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. شيخ اڪبر خان چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي افرادي قوت جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي.
قومي اسيمبلي ميمبرن پاران سعودي عرب ۾ پاڪستانين کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سفارتخاني کي متحرڪ ڪرڻ ۽ حڪومت پاران سنجيده نوٽيس وٺڻ جومطالبو
9 سال پھريان