سنڌ ٽي وي سکر جي بيورو چيف شوڪت نوناري جي والد جي قتل ۽ خوشاب جي صحافي تي تشدد جي خلاف قومي اسيمبلي جي پريس گئلري مان صحافين واڪ آئوٽ

سنڌ ٽي وي سکر جي بيورو چيف شوڪت نوناري جي والد جي قتل ۽ خوشاب جي صحافي تي تشدد جي خلاف قومي اسيمبلي جي پريس گئلري مان صحافين واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) سنڌ ٽي وي سکر جي بيورو چيف شوڪت نوناري جي والد جي قتل ۽ خوشاب جي صحافي تي تشدد جي خلاف قومي اسيمبلي جي پريس گئلري مان صحافين واڪ آئوٽ ڪيو، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر پارلياماني پريس گئلري مان صحافين جي واڪ آئوٽ جي نشاندهي ڪندي وفاقي وزيرن شيخ آفتاب احمد ۽ ميان رياض حسين پيرزاده کي هدايت ڪئي ته صحافين کان وڃي پڇيو وڃي ته هنن ڇو واڪ آئوٽ ڪيو آهي، صحافين جي واڪ آئوٽ جي باري ۾ رپورٽ ڏيندي وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو ته سنڌ ٽي وي سکر جي بيورو چيف شوڪت نوناري جي والد کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ خوشاب جي هڪ صحافي تي تشدد ڪري ان جون ٽنگون ٽوڙيون ويون آهن، انهن جو مطالبو آهي ته صوبائي حڪومتن کان ڳالهائي ان جو ڪو حل ڪڍيو وڃي.