قومي اسيمبلي پاران تحفظ امانت ڪارپوريشن بل 2016ع منظور

قومي اسيمبلي پاران تحفظ امانت ڪارپوريشن بل 2016ع منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) قومي اسيمبلي تحفظ امانت ڪارپوريشن بل 2016ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان رٿ پيش ڪئي ته تحفظ امانت ڪارپوريشن بل 2016ع غور هيٺ آندو وڃي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر بل جي مختلف شقن جي منظوري حاصل ڪئي، رانا محمد افضل خان بل جا مقصد بيان ڪندي چيو ته هڪ ادارو جوڙيو پيو وڃي جڏهن ڪا بئنڪ ناڪام ٿي وڃي ته کاتيدارن جي رقم جو تحفظ ٿي سگهندو، اها ترميم سينيٽ منظور ڪئي آهي. صرف ان حوالي سان ترميم کي بل جو حصو بڻايو پيو وڃي، ڊاڪٽر عارف علوي جي پڇاڻي تي ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته قومي اسيمبلي شق 21 منظور ڪئي هئي ان ۾ سينيٽ ترميم ڪئي آهي ته اهڙين بئنڪن کي وڌيڪ ڊپازٽ کان روڪيو وڃي، ان جو لائسنس رد ڪيو وڃي، انهن بئنڪن جي قرضن جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ کي اختيار ڏنو ويو آهي جيڪڏهن ڪا بئنڪ ختم ٿي وڃي ته ان حوالي سان به طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي. سڀني شقن جي ايوان مان منظوري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان رٿ پيش ڪئي ته تحفظ امانت ڪارپوريشن بل 2016ع منظور ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.