چين سان آزاداڻي واپار جي معاهدي تي نظرثاني جا 6 دور ٿي چڪا آهن ان جي پڄاڻي کانپوءِ آزاداڻي واپار جي معاهدي ۾ رهجي ويل خاميون ختم ٿي وينديون:واپار واري وزارت

چين سان آزاداڻي واپار جي معاهدي تي نظرثاني جا 6 دور ٿي چڪا آهن ان جي پڄاڻي کانپوءِ آزاداڻي واپار جي معاهدي ۾ رهجي ويل خاميون ختم ٿي وينديون:واپار واري وزارت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 -اگست 2016ء) واپار واري وزارت پاران قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي ته چين سان آزاداڻي واپار جي معاهدي تي نظرثاني جا 6 دور ٿي چڪا آهن ان جي پڄاڻي کانپوءِ آزاداڻي واپار جي معاهدي ۾ رهجي ويل خاميون ختم ٿي وينديون. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران شاهده رحماني جي سوال جي جواب ۾ واپار واري وزارت پاران وفاقي وزير زاهد حامد ٻڌايو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي معاهدو اڃان تائين منظور ناهي ٿيو، انڊسٽري واري وزارت جو چوڻ آهي ته ان سان مقامي صنعت کي نقصان ٿيندو، تنهن ڪري هاڻي سمري تيار ڪئي وئي آهي. ايف بي آر پاران راءِ اچڻ تي اميد آهي ته ان جي منظوري ٿي ويندي. ان ڏس ۾ ٽيڪسٽائيل واري وزارت ۽ ٻين جا خدشا حل ٿي ويندا. ساجده بيگم جي سوال جي جواب ۾ قانون واري وزير زاهد حامد ٻڌايو ته چين سان آزاداڻي واپار جو معاهدو 2007ع ۾ فعال ٿيو، ان سان ٻنهي ملڪن ۾ واپار ۾ اضافو ٿيو، چين سان آزاداڻي واپار جي معاهدي کان اڳ واپاري ماپو 7.75 ملين ڊالر هو پر 2015ع ۾ اهو 2.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو. هينئر تائين مڪمل طور تي فائدو ناهيون کڻي سگهيا، هن چيو ته ايف ٽي اي جي نئين فيز جي لاءِ ڳالهين جا 6 دور ٿيا آهن، انهن ۾ جيڪي ڏکيائون آيون انهن کي ختم ڪرڻ ۾ اها ڳالهه ٻولهه مددگار ثابت ٿيندي. زاهد حامد ٻڌايو ته قبائلي علائقن ۾ ايجنسين ۾ 3، 3 نيون ڪسٽم آفيسون کوليون ويون آهن. طورخم، چمن سميت 3 جديد مرڪز بڻايا ويا آهن. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 13:25 خبر نمبر -- -- - 07