پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، مذهب ۽سماجي قدرن تي ٻڌل آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، مذهب ۽سماجي قدرن تي ٻڌل آهن: وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪيءَ جي قيادت ۽ عوام کي 15 جولاءِ جي رات جمهوريت تي حملي جي خلاف ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل تاريخ، ثقافت، روايتن، مذهب ۽ سماجي قدرن تي ٻڌل آهن. هو ترڪيءَ جي پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وفد سان گڏ ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ترڪيءَ سان يڪجهتي جي عزم کي ورجايو ۽ 28 جون تي اتاترڪ انٽرنيشنل ايئرپورت تي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان به دهشتگردي کان بري طرح متاثر ٿيو آهي، جاري ضب عضب آپريسن ۽ نيشنل ايڪشن پلان جا تمام گهڻا مثبت نتيجا مليا آهن. هن چيو ته اسان جنهن عزم سان آپريشن ڪيو آهي ان کي ترڪيءَ سميت عالمي برادري ساراهيو آهي جنهن تي اسان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ کي آپريشن ڪائونسل پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ترقي لاءِ صحيح رخ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن نيوڪليئر سپلائرز گروپ جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ ترڪيءَ پاران پاڪستان جي پختي حمايت کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي ترڪ پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو بغاوت دوران ترڪيءَ جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جي اظهار تي پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن کي موجود صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن اولين ملڪن ۾ شامل آهي جن بغاوت واري ڪوشش جي سخت مذمت ڪئي ۽ صدر طيب اردوان ۽ ترڪيءَ ۾ جمهوريت جي لاءِ حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 17:50