پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل روايتن تي ٻڌل آهن: صدر ممنون حسين

پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل روايتن تي ٻڌل آهن: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا مذهب، تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل روايتن تي ٻڌل آهن. ترڪي ۾ 15 جولاءِ جي ناڪام بغاوت جمهوريت جي فتح آهي، هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن ترڪ پرڏيهي وزير ميوت چاوش اولو سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ترڪي جي اڳواڻن ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 15 جولاءِ جي ناڪام بغاوت جمهوريت جي فتح آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو پهريون ملڪ آهي جنهن ترڪي جي صدر طيب اردوان ۽ جمهوريت سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ فوجي بغاوت جي ڀرپور مذمت ڪئي، هن چيو ته ترڪ عوام جنهن جوش ۽ جذبي سان جمهوريت جي دفاع لاءِ ٻاهر نڪتي ان تي پاڪستاني عوام کي پنهنجي ترڪ ڀائرن تي فخر آهي. صدر موجوده ناڪام بغاوت ۽ اتاترڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ حملي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي به افسوس جو اظهار ڪيو، صدر چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان هميشه مشڪل وقت ۾ اندروني معاملن ۾ هڪٻئي جو سان گڏ رهيا آهن جنهن ۾ قبرص ۽ ڄمون ڪشمير جي معاملن کي عالمي سطح تي کڻڻ جا معاملا شامل آهن، ترڪي ڄمون ڪشمير جي معاملي تي هميشه پاڪستان جي تائيد ڪئي. صدر ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرائڻ تي زور ڏنو، ترڪ پرڏيهي وزير ميوت چاوش اوولو ان موقعي تي چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام موجوده ناڪام بغاوت تي جهڙي طرح ترڪ حڪومت ۽ صدر جو ساٿ ڏنو آهي ان جي لاءِ هوُ ٿورائتو آهي، هن چيو ته ترڪي پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ترڪ پرڏيهي وزير صدر کي يقين ڏياريو ته ترڪي دهشتگردي ۽ خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن وڌيڪ چيو ته ترڪي ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي مڪمل حمايت جاري رکندو ان کانسواءِ پاڪستان کي نيوڪليئر سپلائر گروپ جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ به ترڪي جي مڪمل حمايت حاصل رهندي. صدر ممنون حسين چيو ته هو ترڪ صدر طيب اردوان ۽ وزيراعظم بن علي يلدرم تائين سندس نيڪ خواهشون پهچائي. صدر مهمان پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي چيو ته سندس اهو دورو ٻنهي ملڪن لاءِ اهم ثابت ٿيندو.