حڪومت هر قسم جي خطري جي موثر دفاع ۽ قومي سلامتي جي لاءِ پاڪ بحريه کي هڪ جديد مضبوط فورس بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي:وزيراعظم محمد نواز شريف

حڪومت هر قسم جي خطري جي موثر دفاع ۽ قومي سلامتي جي لاءِ پاڪ بحريه کي هڪ جديد مضبوط فورس بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي:وزيراعظم محمد نواز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت هر قسم جي خطري جي موثر دفاع ۽ قومي سلامتي جي لاءِ پاڪ بحريه کي هڪ جديد مضبوط فورس بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. هن اها ڳالهه پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله سان اڱاري ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. نيول چيف وزيراعظم کي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي معاملن بابت آگاهه ڪيو، هن چيو ته پاڪستان نيوي اهم ميري ٽائيم انفرااسٽرڪچر جي حفاظت ۽ هر قسم جي خطرن جي خلاف ملڪ جي دفاع کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تيار ۽ پوري طرح سان ليس آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف ملڪ جي سامونڊي حدن جي تحفظ ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪ نيوي جون دفاعي صلاحيتون قومي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ انتهائي اهميت جوڳيون آهن.