سنڌ ۾ اقليتن سان زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي: لالچند

سنڌ ۾ اقليتن سان زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي: لالچند

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) اقليتي ميمبر لالچند چيو آهي ته سنڌ ۾ اقليتن سان زيادتين جو نوٽيس ورتو وڃي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي رميش لال چيو ته مير پور ماٿيلو ۾ قتل ٿيل نوجوان جي قتل جو بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس ورتو آهي ۽ هن سنڌ حڪومت کي ان سلسلي ۾ هدايت به ڪئي آهي، لالچند چيو ته اقليتن سان اهڙا واقعا سنڌي قوم کي ورهائڻ جي لاءِ ڪيا پيا وڃن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي جاچ ڪرڻ گهرجي.