ڄامشورو، سيوهڻ شريف جي 140 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي حالت بلڪل صحيح آهي: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

ڄامشورو، سيوهڻ شريف جي 140 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي حالت بلڪل صحيح آهي: وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته ڄامشورو، سيوهڻ شريف جي 140 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ جي حالت بلڪل صحيح آهي، ان روڊ کي ٻن لائينن وارو ڪرڻ لاءِ پي سي ون تيار ڪئي پئي وڃي، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ عمران ظفر لغاري ڄامشورو – سيوهڻ شريف قومي روڊ جي خراب حالت جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته 140 ڪلوميٽر شاهراهه جي حالت بلڪل ٺيڪ آهي، اين ايڇ اي جا عملدار ميمبرن کي دورو ڪرائڻ لاءِ تيار آهن، پر اها ڳالهه ٺيڪ آهي ته سنگل روڊ هئڻ سبب اتي حادثا ٿيندا آهن، ان لاءِ ان روڊ کي ٻن لائينن وارو ڪرڻ لاءِ پي سي ون تيار ڪئي پئي وڃي، ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي عمران ظفر لغاري، عبدالستار بچاڻي، محمد اياز سومرو ۽ نواب محمد يوسف ٽالپور جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته ٽريفڪ حادثن کي روڪڻ لاءِ روڊ کي ٻن لائينن وارو ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي.