قومي اسيمبلي ۾ سمورين پارلياماني پارٽين احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ۽ ٻين معاملن جي جائزي لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي بڻائڻ جي تجويز سان اتفاق

قومي اسيمبلي ۾ سمورين پارلياماني پارٽين احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ۽ ٻين معاملن جي جائزي لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي بڻائڻ جي تجويز سان اتفاق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) قومي اسيمبلي ۾ سمورين پارلياماني پارٽين احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ۽ ٻين معاملن جي جائزي لاءِ گڏيل پارلياماني ڪميٽي بڻائڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي. ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز حڪومت پاران وفاقي وزير زاهد حامد ڏني.مخالف ڌر پارٽين پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته احتساب جو جامع قانون وقت جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ دير نه ڪئي وڃي. احتساب جي اداري کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاران قومي احتساب (ترميمي) بل 2016ع به ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. جيڪو لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ صلاح الدين پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ رٿ پيش ڪئي ته قومي احتساب ترميمي بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻه ٽي بل آيا آهن، اسٽينڊنگ ڪميٽي هڪ ذيلي ڪميٽي به جوڙي هئي ته جيئن انهن بلن جو جائزو وٺي متفقه بل سامهون آندو وڃي، حڪومت به ان ڳالهه جي خواهشمند آهي ته هڪ ڊگهي مدي واري احتساب جو بل آندو وڃي، بهتر آهي ته ان معاملي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏيل ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا قومي احتساب ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميم آڻڻ تي اتفاق راءِ پيدا ڪري. ان بل کي وقتي طور تي ملتوي ڪيو وڃي، شيخ صلاح الدين چيو ته جيڪڏهن پارلياماني ڪميٽي ٺهي وڃي ته بهتر ٿيندو، تنهن هوندي به ڪو دير جو هربو استعمال نه ٿيڻ گهرجي، عمران ظفر لغاري چيو ته ان حوالي سان پهرين ئي گهڻي دير ٿي چڪي آهي، ڪنهن به اداري کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، جلد کان جلد ڪميٽي جوڙي وڃي. اسپيڪر جي پڇاڻي تي قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته هو ان سلسلي ۾ پارلياماني اڳواڻن ۽ سينيٽ کي اعتماد ۾ وٺي اڳتي وڌندو. هن چيو ته اسان هڪ آزاد قومي احتساب ڪميشن چاهيون ٿا، اسپيڪر قانون واري وزير کي چيو ته اڄ ئي مشاورت ڪري ٻڌائي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت پنهنجو مسودو کڻي اچي ته ڪميٽي ان جو جائزو وٺي ڪري حتمي نتيجي تي پهچي سگهي ٿي. صاحبزاده طارق الله چيو ته ملڪ کي سڀني کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي ۽ سڀئي سياسي پارٽيون ملڪ کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جون خواهشمند آهن. احتساب جو جامع قانون جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جلد کان جلد ڪميٽي جو اعلان ڪيو وڃي، ايس اي اقبال قادري چيو ته ڪميٽي جوڙڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي، مسئلو جلد کان جلد حل ٿيڻ گهرجي، نعيمه ڪشور خان به قومي احتساب ڪميشن ۾ ترميم آڻڻ جي لاءِ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز جي تائيد ڪئي، حاجي شاهه جي گل آفريدي چيو ته جيڪڏهن احتساب ٿيندو ته غريب ماڻهن جو فائدو ٿيندو. پارلياماني ڪميٽي ضرور جوڙڻ گهرجي ان ۾ فاٽا جا نمائندا به هجڻ گهرجن. اسپيڪر قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته ان ۾ ڪميٽي جي جوڙجڪ ۾ سڀني صوبن ۽ فاٽا جو خيال رکيو وڃي، عيسيٰ نوري به پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. اسپيڪر بل پيش ڪرڻ جي حوالي سان ايوان جي راءِ ورتي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ شيخ صلاح الدين قومي احتساب ڪميشن (ترميمي) بل 2016ع ايوان ۾ پيش ڪيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 14:07