بدعنواني جي خاتمي وارو (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

بدعنواني جي خاتمي وارو (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) بدعنواني جي خاتمي وارو (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر شير اڪبر خان رٿ پيش ڪئي ته بدعنواني جي خاتمي وارو (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته بدعنواني جي خاتمي جي ايڪٽ ۾ اسان چار ترميمون تجويز ڪيون آهن جنهن سان ڪرپشن جي روڪٿام ۾ مدد ملندي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته بل کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ شير اڪبر خان بل ايوان ۾ پيش ڪيو جيڪو لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو.