فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ٻارن سان زيادتي جي سزا عمر قيد يا موت جي سزا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران مسرت احمد زيب رٿ پيش ڪئي ته فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته بل جي منظوري سان ٻارن سان زيادتي ڪندڙن کي ڦاهي يا عمر قيد جي سزا ملڻ گهرجي، موجوده قانون تحت هي سزا صرف 7 سال آهي، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد بل جي مخالفت نه ڪئي، ايوان مان رٿ جي منظوري کانپوءِ مسرت احمد زيب بل ايوان ۾ پيش ڪيو.