فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر صاحبزاده يعقوب رٿ پيش ڪئي ته فوجداري قانون (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، وفاقي وزير زاهد حامد بل جي مخالفت نه ڪئي، رٿ جي منظوري کانپوءِ صاحبزاده محمد يعقوب بل ايوان ۾ پيش ڪيو.