قومي اسيمبلي ۾ عورتن کي خوفزده ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ وارو(ترميمي) بل پيش

قومي اسيمبلي ۾ عورتن کي خوفزده ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ وارو(ترميمي) بل پيش

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) قومي اسيمبلي ۾ عورتن کي ڪم واري هنڌ تي خوفزده ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ وارو (ترميمي) بل پيش ڪيو ويو جنهن کي وڌيڪ ڪارروائي جي لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر فوزيه حميد رٿ پيش ڪئي ته ڪم ڪار واري هنڌ تي عورتن کي هراسان ڪرڻ کان تحفظ (ترميمي) بل پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته بل جي منظوري سان تعليمي ادارا به ان جي دائري ڪار ۾ ايندا ۽ سزائن جي حوالي سان جهول به ختم ٿيندو، وفاقي وزير ڪامران مائيڪل چيو ته بل کي ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي، ايوان مان اجازت ملڻ تي ڊاڪٽر فوزيه حميد بل ايوان ۾ پيش ڪيو.