قومي اسيمبلي پاران سينيٽ کي پي اي سي ۾ نمائندگي ڏيڻ جي رٿ متفقه طور تي منظور

قومي اسيمبلي پاران سينيٽ کي پي اي سي ۾ نمائندگي ڏيڻ جي رٿ متفقه طور تي منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي سينيٽ کي پي اي سي ۾ نمائندگي ڏيڻ جي رٿ متفقه طور تي منظور ڪري ورتي جنهن کانپوءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ 29 ٿي ويو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته قومي اسيمبلي جي قاعدي 293 ۾ ترميم جي لاءِ قاعدا معطل ڪيا وڃن، رٿ جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير زاهد حامد قاعدي 202 ۾ ترميم پيش ڪئي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن جو انگ 29 ٿيندو، ان ۾ 6 ميمبر سينيٽ مان شامل هوندا جن مان ٽي حڪومتي ۽ ٽي مخالف ڌر مان شامل ڪيا ويندا. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ فاٽا مان به هڪ هڪ ميمبر شامل هوندو جڏهن ته ناڻي وارو وفاقي وزير پي اي سي جي ميمبر جي حيثيت سان شامل هوندو. ايوان پاران رٿ جي منظوري کانپوءِ وفاقي وزير زاهد هامد ترميم پيش ڪئي جنهن جي قومي اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي.