قانونن جي جائزي بابت ڪميٽي جو اجلاس

قانونن جي جائزي بابت ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قانونن جي جائزي بابت ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽ پاران مختلف ترميمن سان گڏ پاس ڪيل سائبر ڪرائميز بل جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهو بل قومي اسيمبلي جي جاري سيشن دوران پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ انٽرنيشنل اين جي اوز بابت قانونسازي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ان حوالي سان مسودي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي ته جيئن اهو بل پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهجي. ڪميٽي جي ميمبرن قانونسازي جي طريقيڪار ۾ بهتري بابت مختلف تجويزن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير انوشه رحمان، اٽارني جنرل آف پاڪستان اشتر اوصاف علي ۽ وزيراعظم جي قانون واري خصوصي معاون بيريسٽر ظفر الله خان پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اي پي پي/ش – چ/ع – ک 21:21