گڏيل قومون سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: بيلم حسنين

گڏيل قومون سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: بيلم حسنين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) پيپلزپارٽي جي بيلم حسنين چيو آهي ته گڏيل قومون سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عالمي ادارا والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين تي پيلٽ گنز جي استعمال تي خاموش آهن، ڀارت ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي وڌيڪ نه ٿو دٻائي سگهي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ تي ڳالهائيندي پيپلزپارٽي جي بيلم حسنين چيو ته ڪشميرين کي آزادي ضرور ملندي، انهن جي آزادي جي جدوجهد کي ظلم سان ڀارت دٻائي نه ٿو سگهي، گڏيل قومون ۽ ٻيا ادارا پيلٽ گنز جي استعمال تي ڇو خاموش آهن، گڏيل قومون پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائي ڪشميرين کي آزادي ڏياري.