ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي ۾ علامتي واڪ آئوٽ

ايم ڪيو ايم پاران قومي اسيمبلي ۾ علامتي واڪ آئوٽ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي ۾ ڪالهه سومر ڏينهن علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائڻ چاهيو ٿئي پر اسپيڪر پاران اجازت نه ملڻ تي احتجاج طور هنن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو جنهن تي اسپيڪر سردار اياز صادق وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده کي چيو ته هو ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي پرچائي ايوان ۾ واپس آڻي. ڪجهه دير کانپوءِ وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو ته هن ايم ڪيو ايم سان ڳالهايو آهي هنن چيو آهي ته اسان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو آهي اسان اچي وينداسين، ان سان گڏ ئي ايم ڪيو ايم جا ميمبر ايوان ۾ اچي ويا.