قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي جي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي 34 هين سيشن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب هلندڙ سيشن ٻه هفتا جاري رهندو. اجلاس سومر ڏينهن اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ 34 هين سيشن جي شيڊيول ۽ ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، مولانا فضل الرحمان، حاجي غلام احمد بلور، محمود خان اچڪزئي، آفتاب احمد خان شيرپائو، غوث بخش خان مهر، سيد غازي گلاب جمال، ڊاڪٽر عارف علوي، ڊاڪٽر فاروق ستار، عبدالرشيد گوڊيل، وفاقي وزير زاهد حامد، برجيس طاهر، ميان رياض حسين پيرزاده، شيخ آفتاب احمد، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر، چوڌري محمد اشرف، ڊاڪٽر شيرين مزاري، غلام سرور خان، اقبال محمد علي خان، شيخ صلاح الدين ۽ صاحبزاده طارق الله شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق خصوصي طور تي پارلياماني اڳواڻن کي پڻ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ 6 سينيٽرن جي شموليت تي پڻ راضپي جو اظهار ڪيو.