ڪشمير ڪميٽي مسئلي جي حل جي حوالي سان تجويزون سامهون آڻي: شيرين مزاري

ڪشمير ڪميٽي مسئلي جي حل جي حوالي سان تجويزون سامهون آڻي: شيرين مزاري

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته ڪشمير ڪميٽي مسئلي جي حل جي حوالي سان تجويزون سامهون آڻي، ڀارت 1949ع ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي باب 6 تحت ڪشمير مسئلو گڏيل قومن ۾ وٺي ويو آهي، ڀارت تسليم ڪيو ته اهو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار آهي، ان کي گڏيل قومون حل ڪري. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي شيرين مزاري التوا واري رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلي تي ٺوس موقف اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، اميد آهي ته ڪشمير ڪميٽي تجويزون سامهون آڻيندي، ڀارت ڪشمير کي اندروني مسئلو قرار ڏئي رهيو آهي، 1949ع ۾ ڀارت ڪشمير مسئلو گڏيل قومن ۾ کڻي ويو ۽ چيپٽر 6 تحت کڻي ويو آهي. ڀارت تسليم ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪشمير مسئلو آهي ۽ ان کي گڏيل قومون حل ڪري.