اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔ یکم اگست۔2016ء) قومي اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان بحث اربع تي سهيڙيو ويندو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر سردار اياز صادق ايوان کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪندي چيو ته هن خصوصي طور تي پارلياماني اڳواڻن کي اجلاس ۾ گهرايو هو. اجلاس ۾ فيصلو ٿيو آهي ته سومر ۽ اربع تي قاعدا معطل ڪري ايوان ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي بحث ڪرايو ويندو.
قومي اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير جي حوالي سان بحث اربع تي سهيڙيو ويندو
9 سال پھريان
