قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران لاهور ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران لاهور ڌماڪي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي لاهور ڊفينس مارڪيٽ ۾ ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار تعزيتي پيغامن ۾ هنن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.