صدر پاران لاهور ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

صدر پاران لاهور ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23فروری2016ء) صدر ممنون حسين لاهور ڌماڪي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ڪالهه خميس ڏينهن ايوان صدر مان جاري بيان موجب صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد ٿيندڙن کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي، صدر لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ کين علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن.