افغان پناهگيرن جي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي رجسٽريشن جو سلسلو جاري

افغان پناهگيرن جي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي رجسٽريشن جو سلسلو جاري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر جي اهتمام هيٺ سڄي ملڪ ۾ رهندڙ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي رجسٽريشن جو سلسلو جاري آهي، هلندڙ سال ۾ هيستائين 22 هزار 141 ٻارن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن يو اين ايڇ سي آر جي نمائندي قيصر آفريدي اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته يو اين ايڇ سي آر پاڪستان ۾ رهندڙ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي هدايت ڪئي هئي ته اهي ملڪ واپس اچڻ کان اڳ پنهنجي 5 سالن جي گهٽ عمر جي ٻارن جي رجسٽريشن يو اين ايڇ سي آر جي مخصوص ڪيل سينٽر ۾ ڪرائين ته جيئن انهن کي ملڪ واپس اچڻ کان اڳ ڪنهن به ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي. سمورن رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ملڪ ۾ 5 سالن جي گهٽ عمر جي ٻارن جي رجسٽريشن جو سلسلو جاري آهي. هلندڙ سال هيستائين 22 هزار 141 ٻارن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي. هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ملڪ واپسي جي موقعي تي في ڪس 400 ڊالر ادا ڪيا پيا وڃن، رجسٽرڊ ٿيندڙ ٻارن کي به ملڪ واپسي جي موقعي تي پنهنجي خاندان سان گڏ ويندڙ ٻار کي پڻ 400 ڊالر ادا ڪيا ويندا.