سينيٽ جي رياستن ۽ سرحدي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي رياستن ۽ سرحدي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) سينيٽ جي رياستن ۽ سرحدي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي سيفران واري سيڪريٽري ٻڌايو آهي ته فاٽا سڌارن تحت فاٽا کي 90 ارب رپيا ساليانو ملندا جڏهن ته 20 ارب رپيا ساليانو اڳ ۾ ئي ملي رهيا آهن، ان حوالي سان وزيراعظم نومبر 2015ع تي ڪميٽي ٺاهي، فاٽا سڌارن جي حوالي سان سفارشن کي ٻيهر وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي، ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ سڌارن واري ڪميٽي جي رپورٽ تي غور ڪيو ويندو، فاٽا سڌارن جي عمل کانپوءِ فاٽا جو علائقو ايندڙ 5 سالن تائين وفاق جي انتظام هيٺ ئي رهندو. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن چيئرمين سينيٽر هلال الرحمان جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ سيفران واري وفاقي سيڪريٽري شهزاد ارباب، چيف شماريات، سيفران واري وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيفران واري سيڪريٽري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته فاٽا سڌارن کانپوءِ فاٽا کي 90 ارب رپيا ساليانو ملندو جن مان 30 سيڪڙو بلدياتي نمائندن ذريعي خرچ ڪيا ويندا جڏهن ته فاٽا ۾ هلندڙ سال جي آخر ۾ بلدياتي چونڊون پڻ ڪرايون وينديون. هن چيو ته بي گهر ماڻهن جي 90 سيڪڙو واپسي مڪمل ٿي چڪي آهي جڏهن ته 10 سيڪڙو جي واپسي جي عمل کي 10 اپريل تائين توسيع ڏني وئي آهي. شهزاد ارباب چيو ته فاٽا کي سي پيڪ منصوبي مان فائدا ملندا جڏهن ته فاتا ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي برانچ کانسواءِ ٻيون بئنڪون پڻ پنهنجون برانچون شروع ڪنديون، فاٽا سڌارن جي عمل کانپوءِ اتي بي آءِ ايس پي ۽ بيت المال سميت ادارا پڻ قائم ٿيندا. هن چيو ته فاٽا جي شاگردن جي ڪوٽا ٻيڻي ڪئي ويندي جڏهن ته فاٽا ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿيندو. ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته وزيراعظم نومبر 2015ع تي فاٽا سڌارن جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪئي، ڪميٽي 7 ايجنسين جي عوام ۽ جرڳي سان ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته ڪميٽي ان حوالي سان رپورٽ وزيراعظم کي 23 آگسٽ تي پيش ڪئي ۽ 24 آگسٽ تي نيشنل سيڪيورٽي آڏو پيش ڪئي وئي ۽ ان کانپوءِ پارليامينٽ ۾ بحث ڪيو ويو. سيڪريٽري چيو ته فاٽا جي سڌارن جي عمل کانپوءِ جرڳي جو سربراهه جج هوندو جڏهن ته چيف ايگزيڪيوٽو آفيس فاٽا جي معاملن کي ڏسندو. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته فاٽا کي جيڪي 90 ارب رپين جا فنڊ ملندا انهن جي مانيٽرنگ ڪير ڪندو، ان کان اڳ فاٽا کي ملندڙ فنڊز استعمال نه ٿيڻ سبب مرڪز ڏانهن واپس هليا ويندا هئا. هن چيو ته فاٽا ۾ ڪرپشن ڪندڙن جي خلاف 1972ع کان وٺي اڄ تائين ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي. ان موقعي تي شماريات واري اداري جي چيف آصف باجوه ڪميٽي کي ٻڌايو ته فاٽا ۾ 1951ع، 1961ع، 1972ع ۽ 1981ع ۾ آدمشماري ڪئي وئي، فوج جي نگراني ۾ 14 مارچ تي آدمشماري شروع ڪئي ويندي، ٻاهرئين ملڪ 6 مهينن کان وڌندڙ عرصو رهندڙ پاڪستانين کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي به سندن سڃاڻپ ڪارڊ جي شهر موجب آدمشماري ۾ شامل ڪيو ويندو، 7 ڪروڙ پاڪستانين جو ڪو رڪارڊ موجود نه آهي جڏهن ته آدمشماري لاءِ ساڍا 5 ڪروڙ فارم پرنٽ ڪيا ويا آهن، حڪومت جي نوٽيفڪيشن موجب آدمشماري ڪئي ويندي، فاٽا جي لاءِ هاڻي نئون فارم پرنٽ نه ٿو ڪري سگهجي. ان موقعي تي سينيٽر صالح شاهه چيو ته فاٽا سڌارن تي ڪميٽي ٺاهي بحث ڪيو وڃي، پارليامينٽ کي باءِ پاس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. سينيٽر احمد حسني چيو ته آئين جي آرٽيڪل 247 جي هوندي فاٽا ۾ ڪا بهتري نه ٿي اچي سگهي. سينيٽر تاج آفريدي چيو ته فاٽا سڌارا گهريا هئا ۽ آرٽيڪل 247 جو خاتمو گهريو آهي جيڪي سڌارا ڪيا پيا وڃن انهن بابت فاٽا جي عوام کي خبر هجڻ گهرجي. سينيٽر ستاره اياز چيو ته فاٽا سڌارن تي تنقيد کي آڏو رکندي سڌارا ڪيا وڃن. اجلاس ۾ سيفران واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري سميت ٻين سيفران جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.