قومي اسيمبلي جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) قومي اسيمبلي جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ايندڙ مالي سال 18 – 2017ع جي وزارت جي سڪراري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي بجيٽ 22 ارب رپيا جڏهن ته گلگت بلتستان 21 ارب 70 ڪروڙ رپيا تجويز ڪئي وئي آهي. آزاد ڪشمير جي لاءِ 183 نوان منصوبا پڻ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ شامل آهن. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن چيئرمين ملڪ ابرار احمد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت جو سرڪاري شعبي جو ترقياتي پروگرام 18 – 2017ع منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو جنهن جي ڪميٽي منظوري ڏئي ڇڏي. ايندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام موجب آزاد ڪشمير لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي 10 ارب رپين جو اضافو تجويز ڪيو ويو آهي، بجيٽ 12 ارب رپين مان وڌائي 22 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي، ان ۾ 183 نون منصوبن جي لاءِ 3 ارب 47 ڪروڙ 40 لک رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي.