پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ايف بي آر کان هيستائين ٿيندڙ وصولين، مشڪل وصولين جي ڪيسن ۽ وصولين جي حوالي سان ڪوتاهي ڪندڙ عملي جي خلاف کنيل قدمن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن وقتي چيئرمين سيد نويد قمر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر چوڌري تنوير خان، جنيد انور چوڌري، سينيٽر هدايت الله خان، سينيٽر اعظم خان سواتي، سينيٽر مشاهد حسين سيد، ڊاڪٽر عارف علوي، صاحبزاده نذير سلطان، سينيٽر شيري رحمان، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ميان عبدالمنان، چوڌري پرويز الاهي، ڊاڪٽر درشن، محمود خان اچڪزئي، شيخ روحيل اصغر ۽ راجا جاويد اخلاص شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو 14 – 2013ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. آڊٽ عملدارن پي اي سي کي ٻڌايو ته هڪ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙن جي لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي آمدني ۽ خرچن کي تجويز ڪيل طريقيڪار موجب ظاهر ڪن، 51 ڪيسن ۾ ائين ناهي ڪيو ويو جنهن سان 2 ارب 41 ڪروڙ 84 لک رپين جو ٽيڪس اوڳاڙين جي مد ۾ سرڪاري ناڻي کي نقصان پهتو. ايف بي آر جي چيئرمين پي اي سي کي ٻڌايو ته 82 ڪروڙ 42 لک رپين جي ٽيڪس ڪيسن تي ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، 25 ڪروڙ 31 لک ماليت جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن جڏهن ته هڪ ڪروڙ 10 لک رپين جي اڃا اوڳاڙي ٿيڻي آهي. ڪميٽي ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين عملدارن پاران ڏنل بريفنگ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايف بي آر عملدارن کي پي اي سي ۾ تياري ڪري اچڻ گهرجي. هڪ آڊٽ اعتراض جي جائزي دوران سينيٽر اعظم سواتي چيو ته جيستائين فيلڊ اسٽاف اداري جو ٻانهن ٻيلي نه ٿيندو ان وقت تائين ڪرپشن جو خاتمو ۽ اوڳاڙيون نه ٿيون ٿي سگهن. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته آڊيٽر جنرل آفيس مالي بيقاعدگين ۾ ملوث مختلف ادارن جي آڊٽ ذريعي 81 ارب رپين جون اوڳاڙيون ڪيون آهن. اعظم سواتي چيو ته ان تي اسان کي آڊيٽر جنرل آفيس کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي جنهن کانپوءِ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن آڊيٽر جنرل جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. محمود خان اچڪزئي چيو ته 5 سالن دوران ايف بي آر جي ڪارڪردگي اوڳاڙين جي حوالي سان مايوس ڪندڙ آهي. ادارن پاران ان تي ايڪشن وٺڻ گهرجي. ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر ارشاد چيو ته ايف بي آر پي اي سي کي خاطري ڪرائي ٿو ته اوڳاڙيون ڪيون وينديون. هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان 5 ارب کين وڌيڪ اوڳاڙين جي ڪيسن تي منع ناما جاري ڪيا ويا آهن. ايف بي آر پاران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي رقم اوڳاڙين ۾ جمع ڪري ڏيکاري وئي آهي. آڊيٽر جنرل چيو ته آڊٽ 121 ارب جا آڊٽ اعتراض اٿاريا آهن، 20 ارب رپين جي اوڳاڙي ٿي چڪي آهي، 16 ارب جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ 76 ارب رپين جون اوڳاڙيون اڃا ٿيڻيون آهن. ايف بي آر پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اوڳاڙين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا ويندا. ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر ارشاد چيو ته ان حوالي سان اسان موثر پاليسي جوڙي پي اي سي کي ٻڌائينداسين. ڪميٽي جي وقتي چيئرمين سيد نويد قمر ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته اوڳاڙين ۽ هارڊشپ ڪيسن جا سمورا تفصيل پي اي سي کي پيش ڪيا وڃن. هڪ ٻئي آڊٽ اعتراض جي جائزي دوران پي اي سي جي چيئرمين سيد نويد قمر چيو ته جيڪڏهن ايف بي آر کي قانونن جي حوالي سان مشڪلاتون آهن ته پي اي سي مدد ڪري سگهي ٿي. شيري رحمان چيو ته ايف بي آر وٽ ٽيڪس باقيدارن جي گرفتاري سميت سمورا اختيار موجود آهن. ايف بي آر چيئرمين چيو ته اوڳاڙين جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن ٿا، ايف بي آر کي 30 مارچ تائين مڪمل تياري ڪري پي اي سي ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ وقت ڏنو ويو.