وزيراعظم ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو

وزيراعظم ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 22فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف اربع ڏينهن ترڪي جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو، وزيراعظم پاڪستان ترڪي جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل (ايڇ ايس سي سي) جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. خاتون اول بيگم ڪلثوم نواز، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي، واپار وارو وزير خرم دستگير ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن بابت خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ساڻس گڏ آهن. پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم مختلف ٻه طرفي علائقائي ۽ بين الاقوامي معاملن تي ترڪ قيادت سان وسيع تر مشاورت ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪ وزيراعظم بن علي يلدرم سان خميس ڏينهن انقره ۾ پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي پنجين اجلاس ۾ گڏيل صدارت به ڪندو، پاڪ ترڪ اعليٰ سطح تعاون ڪائونسل جو قيام 2009ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سياسي سطح تي مشاورت جي لاءِ فريم ورڪ جي طور تي عمل ۾ آندو ويو، هي ميڪنزم ٻه طرفي قيادت کي اسٽريٽجڪ فوڪس ۽ رهنمائي فراهم ڪري ٿو ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ ويزن ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿو، ڪائونسل تحت 6 مشترڪه ورڪنگ گروپس ڪم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ واپار، توانائي، بينڪنگ ۽ فنانس، مواصلات، ريلوي، تعليم ۽ ثقافت ۽ سياحت جي شعبي ۾ شامل آهن. ڪائونسل جي ڊسمبر 2010ع، مئي 2012ع، سيپٽمبر 2013ع ۽ فيبروري 2015ع ۾ چار اجلاس منعقد ٿي چڪا آهن، آخري اجلاس 17 فيبروري 2015ع تي اسلام ۾ منعقد ٿيو هو، ڪائونسل جي فريم ورڪ تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 50 کان وڌيڪ معاهدا ۽ مفاهمت جي يادداشتن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، ڪائونسل جي پنجين اجلاس جي پڄاڻي تي هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويندو جڏهن ته ان موقعي تي ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به متوقع آهن، دوري جي دوران وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪ صدر طيب اردوان سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم محمد نواز شريف 15 جولاءِ 2016ع تي ترڪي ۾ ناڪام بغاوت جي خلاف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام طرفان يڪجهتي ۽ اڻٿڪ حمايت جي عزم جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ ترڪ پارليامينٽ جو دورو به ڪندو، بغاوت جي رات ترڪ پارليامينٽ کي بمباري سان نشانو بڻايو ويو هو، وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪي ۾ جمهوريت جي دفاع جي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي خراج عقيدت به پيش ڪندو، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا رياستن جي وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان انفرادي حيثيت رکندڙ آهن جيڪي غير معمولي گرمجوشي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن، انهن ڀائراڻن لاڳاپن جو بنياد گڏيل عقيدي، تاريخ، ثقافت ۽ ٻولين ۾ لاڳاپن تي آهن، ٻئي قومون ڪشمير ۽ قبرص سميت پنهنجي قومي مقصدن جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏيل تعاون ڪنديون رهيون آهن، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي تازن سالن ۾ هڪ نئين سگهه ۽ فروغ مليو آهي ۽ انهن لاڳاپن جو دائرو اقتصادي لاڳاپن کان وٺي دفاعي تعاون ۽ تعليمي ۽ ثقافتي رابطن جي فروغ تائين وسيع ٿيو آهي، ٻنهي طرفن کان واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏئي پنهنجي اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون آهن، ٻنهي ملڪن جي قيادت 21 هين صدي جي حقيقتن کي سامهون رکندي پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي هڪ مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائڻ جو عزم رکي ٿي، هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ ڪيترن ئي خصوصي پروگرامن ۽ تقريبن جو انعقاد ڪري رهيا آهن. وزيراعظم محمد نواز شريف جو ترڪي جو دورو ۽ پاڪ ترڪ اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ آزمايل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.