قومي اسيمبلي پاران ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي واڌ ڏيڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور

قومي اسيمبلي پاران ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس ۾ وڌيڪ 120 ڏينهن جي واڌ ڏيڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 08 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس کي وڌيڪ 120 ڏينهن لاءِ توسيع ڏيڻ جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي، قرارداد جي حق ۾ 48 جڏهن ته مخالفت ۾ 34 ووٽ پيا، اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد قرارداد پيش ڪئي ته ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس کي 10 مئي 2018ع کان وڌيڪ 120 ڏينهن لاءِ توسيع ڏني وڃي، ڊاڪٽر شيرين مزار ان جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ان تي حڪومت کي بل جي صورت ۾ آڻڻ گهربو هو، وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته ڪجهه سببن جي بنياد تي هي بل جي صورت ۾ نه اچي سگهيو، ميمبرن کي گذارش آهي ته هن قرارداد جي منظوري ڏني وڃي، اپوزيشن جي اصرار تي ڊپٽي اسپيڪر قرارداد تي ميمبرن جي راءِ ورتي، قرارداد جي حق ۾ 48 جڏهن ته مخالفت ۾ 34 ميمبرن راءِ جو اظهار ڪيو، قومي اسيمبلي قرارداد جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي۔