سرحدي علائقن واري وزارت جي 5 جاري ۽ هڪ نئين اسڪيم جي لاءِ 28 ارب 25 ڪروڙ 55 لک رپيا رکيا ويا

سرحدي علائقن واري وزارت جي 5 جاري ۽ هڪ نئين اسڪيم جي لاءِ 28 ارب 25 ڪروڙ 55 لک رپيا رکيا ويا

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 27اپریل 2018ء) رياستن ۽ سرحدي علائقن واري وزارت جي 5 جاري ۽ هڪ نئين اسڪيم جي لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ 28 ارب 25 ڪروڙ 55 لک رپيا رکيا ويا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام موجب نئين اسڪيم بوسڪ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ باجوڙ ايجنسي جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا جڏهن ته جاري اسڪيمن ۾ چائو تنگي سمال ڊيم اتر وزيرستان ايجنسي جي لاءِ 31 ڪروڙ 93 لک رپيا، مهمند ايجنسي ۾ ٽنل جي تعمير لاءِ هڪ ارب 11 ڪروڙ 73 لک رپيا، گيلانئي مهمند گهاٽ روڊ جي توسيع ۽ بهتري جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا، اورڪزئي ايجنسي ۾ زياره کان دبوري روڊ جي تعمير لاءِ هڪ ارب 31 ڪروڙ 88 لک رپيا رکيا ويا آهن.