هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار جي واڌويجهه جي شرح ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو، مالي سال 14 – 2013ع ۾ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 3 سيڪڙو هئي، جيڪا گذريل ٽن سالن دوران 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي، گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي ۾ 4.51 سيڪڙو جي شرح سان ترقي رڪارڊ ڪئي وئي، هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي ترقي جي شرح 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي: وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏي

هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار جي  واڌويجهه جي شرح ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو، مالي سال 14 – 2013ع ۾ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 3 سيڪڙو هئي، جيڪا گذريل ٽن سالن دوران 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي، گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي ۾ 4.51 سيڪڙو جي شرح سان ترقي رڪارڊ ڪئي وئي، هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي ترقي جي شرح 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي: وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 25مئ2017ء) گذريل 10 سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي واڌويجهه جي شرح ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن هتي سال 17 – 2016ع بابت اقصادي سروي پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته مالي سال 14 – 2013ع ۾ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 3 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل ٽن سالن دوران 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي. گذريل مالي سال ۾ جي ڊي پي ۾ 4.51 سيڪڙو جي شرح سان ترقي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي ترقي جي شرح 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي ۾ اضافي جا صحيح انگ اکر جوڙڻ ۾ 2 وڏيون مشڪلاتون آهن. پاڪستان ۾ معيشت جا انگ اکر جوڙڻ جو طريقيڪار 20 سال پراڻو آهي جنهن کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل 10 سالن دوران ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري ادارن ۽ قومي معيشت ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو هن ۾ شامل نه آهي. هن چيو ته عالمي بئنڪ کي ان حوالي سان اسٽڊي جو چيو ويو آهي جنهن ۾ 8 کان 12 مهينا لڳي ويندا. ناڻي واري وزير آمريڪا ۾ عالمي بئنڪ جي عملدارن سان ملاقات جو حوالو ڏيندي چيو ته عالمي بئنڪ کي چيو ويو آهي ته هو پاڪستان جي قومي معيشت جا صحيح انگ اکر جوڙڻ جي حوالي سان مدد ڪري. هن چيو ته پاڪستان جي جي ڊي پي 20 سيڪڙو تائين گهٽ رڪارڊ ٿي رهي آهي. اهڙي قسم جو ڪيس چين ۾ به هو جڏهن اتي اسٽڊي ڪرائي وئي ته چين جي معيشت ۾ 24 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته هلندڙ مالي سال دوران مجموعي قومي پيداوار ۾ 5.28 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ صنعتي شعبي جو حصو 20.88 سيڪڙو، زراعت 19.53 ۽ خدمتن جي شعبي جو حصو 59.59 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران صنعتي شعبي جي واڌويجهه جي شرح ۾ 5.02 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته زراعت جي شعبي جي ڪارڪردگي 3.4 سيڪڙو تائين وڌي آهي ۽ خدمتن جي شعبي جي ترقي جي شرح ۾ 5.98 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2013ع ۾ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 0.75 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي جنهن ۾ زراعت جي شعبي جي ترقي جي شرح 2.68 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.13 سيڪڙو هئي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح ۾ لاڳيتو اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ جي معيشت 300 ارب ڊالر کان وڌي چڪي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايندڙ مالي سال جي لاءِ جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح جو هدف 6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي. صنعتي شعبي جي ترقي جا تفصيل ٻڌائيندي ناڻي واري وزير چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ وڏن صنعتي ادارن جي شعبي ۾ 5.06 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مارچ 2016ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايل ايس ايم جي شعبي ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته جولاءِ کان مارچ 17 – 2016ع دوران ايل ايس ايم جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح ۾ مجموعي طور تي 5.06 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مالي سال 13 – 2012ع ۾ بجلي جي پيداوار ۽ گئس جي ورڇ جي شرح منفي 26.38 سيڪڙو هئي جيڪا مالي سال 14 – 2013ع ۾ 0.74 سيڪڙو تائين پهچي وئي پوءِ مالي سال 15 – 2014ع ۾ ان ۾ 13.48 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته مالي سال 16 – 2015ع دوران بجلي جي پيداوار ۽ گئس جي ورڇ جي شرح ۾ 8.3 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ هلندڙ مالي سال ۾ ان ۾ وڌيڪ 3.4 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اڏاوتن واري صنعت جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 2013ع دوران تعميراتي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ 1.08 سيڪڙو اضافو ٿيو هو جيڪو هلندڙ مالي سال 9.05 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران شعبي جي واڌويجهه جي شرح ۾ ترتيبوار 1.08 سيڪڙو، 5.9 سيڪڙو، 7.26 سيڪڙو ۽ مالي سال 16 – 2015ع دوران 14.7 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران شعبي جي ڪارڪردگي ۾ 9.05 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته گذريل بجيٽ ۾ آبادگارن جي لاءِ 341 ارب رپين جي ڪسان پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن جا بهتر نتيجا ملڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته زرعي شعبو مجموعي قومي معيشت جي 20 سيڪڙو جي برابر آهي جيڪو 65 سيڪڙو ڳوٺاڻي افرادي قوت کي روزگار فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي وڏيون فصلون آهن جن جي پيداوار ۾ لاڳيتو اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته گذريل سال دوران ڪڻڪ جي پيداوار 25.63 ملين ٽن هئي جيڪا هلندڙ مالي سال 25.75 ملين ٽن تائين پهچي وئي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي ته جيئن غذائي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران چانور جي پيداوار ۾ 6.8 سيڪڙو اضافو ٿيو هو جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران ان جي پيداوار ۾ 6.89 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اهڙي طرح گذريل سال مڪئي جي پيداوار 5.27 ملين ٽن هئي جيڪا هلندڙ سال 6.13 ملين ٽن تائين پهچي وئي آهي. ڪپهه جي 9.92 ملين ڳٺڙين جي ڀيٽ ۾ پيداوار 10.7 ملين ڳٺڙين تائين وڌي آهي. هن چيو ته حڪومت ڪپهه جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي ته جيئن قومي ضرورتن جي لاءِ 14 ملين بيلز جي پيداوار حاصل ڪري سگهجي ۽ سوتي جي آمدني واپار ۾ گهٽتائي ذريعي قيمتي مٽاسٽا جي ناڻي کي بچائي سگهجي ٿو. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ اضافي جي لاءِ آبادگارن کي فراهم ڪيل قرضن جي ڪاٿي ۾ پڻ نمايان اضافو ڪيو آهي. مالي سال 13 – 2012ع دوران زرعي شعبي کي 336 ارب رپيا، مالي سال 14 – 2013ع دوران 391 ارب رپيا، مالي سال 15 – 2014ع دوران 516 ارب رپيا، مالي سال 16 – 2015ع دوران 600 ارب رپين جا قرض فراهم ڪيا ويا جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي لاءِ زرعي شعبي کي قرض جاري ڪرڻ جو هدف 700 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ کان مارچ دوران زرعي شعبي کي 231 ارب رپين جا قرض ڏنا ويا هئا جيڪي هلندڙ مالي سال جي انهي ئي عرصي دوران 473 ارب رپين تائين وڌي چڪا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته خدمتون جو شعبو اسان جي معيشت ۾ 60 سيڪڙو حصيدار آهي جيڪو گذريل مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تي مجموعي معيشت جي 58 سيڪڙو جي برابر هو. خدمتن جي شعبي جي واڌويجهه جي شرح جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران شعبي جي واڌويجهه جي شرح 4.46 سيڪڙو، 15 – 2014ع دوران 4.36 سيڪڙو، 16 – 2015ع دوران 5.55 سيڪڙو هئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال شعبي جي واڌويجهه جي شرح 5.98 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ناڻي واري وزير خدمتن جي شعبي جي اهم حصي هول سيل اينڊ ريٽيل ٽريڊ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران ذيلي شعبي جي واڌويجهه جي شرح 4.70 سيڪڙو، 15 – 2014ع دوران 2.6 سيڪڙو، 16 – 2015ع دوران 4.29 سيڪڙو ۽ هلندڙ مالي سال ۾ 6.82 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. فنانس اينڊ انشورنس سيڪٽر بابت هن چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران شعبي جي واڌويجهه جي شرح 4.31 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي جيڪا هلندڙ سال 10.77 سيڪڙو تائين وڌي چڪي آهي. هن چيو ته خدمتن جي شعبي ۾ فنانس اينڊ انشورنس جي شعبي جو ڪردار بنيادي اهميت وارو آهي. هن چيو ته مالياتي شعبي جا اثاثا 10.49 کرب ڊالر کان 15 کرب ڊالر تائين وڌي ويا آهن. مهانگائي ۽ ناڻي واڌ جي حوالي سان ناڻي واري وزير اقتصادي جائزو پيش ڪندي ٻڌايو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۽ ڪور پرائس انڊيڪس ۾ 8.69 سيڪڙو اضافو ٿيو هو جيڪو مالي سال 15 – 2014ع دوران 4.81 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيو. اهڙي طرح مالي سال 16 – 2015ع دوران مهانگائي جي شرح 2.79 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ جولاءِ کان اپريل دوران مهانگائي جي شرح 4.09 سيڪڙو تائين رهي جڏهن ته ان جو هدف 5 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تائين مهانگائي جي شرح کي هدف کان گهٽ رکيو ويندو. قومي واپار بابت ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت روانگي واپار ۾ اضافي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ کان اپريل دوران 20.54 ارب ڊالر جو روانگي واپار ٿيو هو جيڪو هلندڙ مالي سال جي انهي عرصي دوران 17.91 ارب ڊالر رهيو آهي ۽ مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تائين مجموعي قومي روانگي واپار جو ڪاٿو 21.76 ارب ڊالر رهڻ جي اميد آهي. هن چيو ته حڪومت روانگي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي پئڪيج ڏنو هو جنهن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي ۽ وڏي روانگي شعبي جي مستقبل ۾ پڻ مراعتن جي عمل کي جاري رکيو ويندو ته جيئن روانگي صنعت جي ڪارڪردگي کي وڌائي سگهجي. روانگي واپار جي حوالي سان هن چيو ته جولاءِ کان اپريل دوران 37.84 ارب ڊالر جو آمدني واپار ڪيو ويو آهي جڏهن ته مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تائين آمدني واپار جو ڪاٿو 45.48 ارب ڊالر رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جي فروغ سان مشينري ۽ پلانٽ جي آمدني واپار ۾ هلندڙ مالي سال دوران 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو جي ڊي پي تي مثبت اثر پوندا ۽ ان سان في ڪس آمدني ۾ اضافي ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران بجلي پيدا ڪندڙ مشينري جي آمدني واپار ۾ 70 سيڪڙو، ٽيڪسٽائيل مشينري جي آمدني ۾ 23 سيڪڙو، تعميراتي مشينري جي آمدني واپار ۾ 69 سيڪڙو، زرعي مشينري جي آمدني واپار ۾ 37 سيڪڙو جڏهن ته ٻئي متفرق آمدني واپار ۾ 50 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران پلانٽ ۽ مشينري جي آمدني واپار ۾ مجموعي طور تي 40 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري بابت ناڻي واري وزير چيو ته تيل جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو، مشينري ۽ پلانٽ جي آمدني واپار ۾ اضافي ۽ قومي آمدني واپار ۾ گهٽتائي سبب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 17.2 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي جيڪو جي ڊي پي جي 2.4 سيڪڙو جي برابر آهي جڏهن ته مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تائين ان جو هدف جي ڊي پي 2.7 سيڪڙو تائين مقرر ڪيوويو آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي حوالي سان ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران 2.6 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته مالي سال 16 – 2015ع دوران 19.9 ارب ڊالر جي مٽاسٽا جو ناڻو موصول ٿيو هو جيڪو هلندڙ مالي سال ۾ 10 مهينن دوران 15.6 ارب ڊالر رهيو جڏهن ته مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تائين سمنڊ پار رهندڙ پاڪستانين پاران 19.5 ارب ڊال جي مٽاسٽا جي ناڻي جي وصولي جو امڪان آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال دوران مٽاسٽا جي ناڻي جي وصولين ۾ 2.6 سيڪڙو جي گهٽتائي جو امڪان آهي. سيڙپڪاري جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال 1.88 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تائين 2.58 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جو امڪان آهي. هن چيو ته جڏهن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اقتدار سنڀاليو ته ملڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 4 ارب ڊالر هئا جيڪي 23 مئي 2017ع تائين 16.15 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن اهڙي طرح پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گذريل چئن سالن دوران 400 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موجوده پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا هڪ ارب ڊالر جي ادائيگين کانپوءِ رڪارڊ ڪيا ويا آهن نه ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڪاٿو 22 ارب ڊالر کان وڌيڪ هجي ها. ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران ڪرنسي جي مٽاسٽا جي شرح 99.66 رپيا في ڊالر هئي. هن چيو ته حڪومت جي موثر مالياتي پاليسي ۽ انتظامن جي نتيجي ۾ 22 مئي 2017ع تي ڊالر جي قيمت 104.87 رپيا هئي. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران ڊالر جي قيمت ۾ 1.04 سيڪڙو جي شرح سان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته جڏهن ڊالر جي قيمت 111 رپين تائين وڌي وئي ته ڪجهه ماڻهن ان تي سخت نتقيد ڪئي ۽ چيو ته حڪومت ڪهڙي به طرح ڊالر جي قيمت گهٽ نه ٿي ڪري سگهي پر مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي موثر مالياتي پاليسين جي نتيجي ۾ ڊالر جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي. ناڻي واري وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران في ڪس آمدني 1333.7 ڊالر هئي جيڪا هلندڙ مالي سال دوران 1628.8 ڊالر تائين وڌي وئي آهي. اهڙي طرح في ڪس آمدني جي شرح ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ايندڙ مالي سال دوران في ڪس آمدني جي شرح ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل مالي سال دوران ملڪ ۾ ڪيل مجموعي سيڙپڪاري جو ڪاٿو 3348 ارب ڊالر رپيا هو جيڪو هلندڙ مالي سال دوران 5026 ارب رپين تائين وڌي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪيل مجموعي سيڙپڪاري ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان 15.78 سيڪڙو جي شرح سان اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو ته جيئن جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح جي 7 سيڪڙو جي هدف کي حاصل ڪري سگهجي. سماجي تحفظ جي پروگرام جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته سماجي تحفظ جي پروگرام جي بجيٽ 42 ارب رپين مان 115 ارب رپين تائين وڌائي وئي آهي جڏهن ته مستحق ماڻهن کي ڏني ويندڙ امدادي رقم کي به 12 هزار رپين مان 19 هزار رپين تائين وڌايو ويو آهي. ان کانسواءِ سماجي تحفظ جي مختلف پروگرامن مان فائدو حاصل ڪندڙ ماڻهن جي انگ ۾پڻ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران بيروزگاري جي شرح 6.2 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تي 5.9 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي وئي. ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ جي ضم ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ کي ايمرجنگ اسٽاڪ مارڪيٽ جو درجو حاصل ٿيو ۽ هڪ سال جي گهٽ عرصي دوران پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ کي ايشيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ جو مقام حاصل ٿيو جڏهن ته پي ايس اڪيس دنيا جي پنجين بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي جنهن جو ڪاٿو 52 هزار پوائنٽس تائين وڌي ويو آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪيل سيڙپڪاري گذريل چئن سالن دوران 51 ارب ڊالر کان 98 ارب ڊالر تائين پهچي چڪي آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تائين ان ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي. هن چيو ته حڪومت مالياتي شعبي جي ڪارڪردگي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي سميت ٻيا مختلف قدم کڻي رهي آهي ته جيئن معيشت جي ترقي جي هدف کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته حڪمت پنهنجي 5 سالا اقتدار جي دور ۾ ٽيڪس اوڳاڙين جي شرح ۾ ٻيڻي اضافي جو هدف حاصل ڪندي. هن چيو ته وياج جي شرح کي 9 سيڪڙو مان 5.75 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وئي آهي جيڪا گذريل 45 سالن دوران سڀ کان گهٽ وياج جي شرح آهي. هن چيو ته قومي معيشت جي ترقي جي حوالي سان نجي شعبي کي قرض جاري ڪرڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ هلندڙ مالي سال دوران نجي شعبي کي 457 ارب رپين جا قرض جاري ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي ناڻي واري وزير چيو ته مالي سال 14 – 2013ع دوران نجي شعبي کي 421 ارب رپيا، 15 – 2014ع دوران 223 ارب رپيا، 16 – 2015ع دوران 446 ارب رپين جا قرض ڏنا ويا جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي شروعاتي 10 مهينن دوران نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرض 457 ارب رپين تائين وڌي ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومتي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ان جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي. ٻاهرئين قرضن جي حوالي سان هن چيو ته ٻاهرئين قرضن ۾ پڻ بهتري آئي آهي ۽ جون 2013ع ۾ ٻاهرئين قرضن جو مجموعي ڪاٿو 48.1 ارب ڊالر هو جيڪو مارچ 2016ع تائين 58.4 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ وٽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن. اهڙي طرح مجموعي ٻاهرئين قرضن جو ڪاٿو 41 ارب ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي. هن چيو ته پرڏيهي قرضن جي حوالي سان 2200 ملين ڊالر جي بهتري ٿي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارن آپريشن ضرب عضب ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن جنهن جي نتيجي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي لاءِ آپريشن ردالفساد شروع ڪيو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ جي ڪري قومي معيشت کي ساليانو 90 کان 100 ارب جو خساروبرداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. ان حوالي سان پوري دنيا آگاهه آهي. هن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته دهشتگردي جا خرچ اسان پاڻ برداشت ڪنداسين ۽ موجوده حڪومت جو اهو ان حوالي سان اهم ۽ وڏو فيصلو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران حڪومت 100 ارب رپيا ساليانو جي حساب سان نقصان برداشت ڪيا آهن جڏهن ته ايندڙ مالي سال دوران پڻ دهشتگردي جي خاتمي ۽ عارضي طور تي بي گهر ٿيندر ماڻهن جي بحالي ۽ مدد جي لاءِ 100 ارب رپين جي مالي مدد پڻ فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي هڪ سوال جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته هو سدائين ان ڳالهه جو حامي رهيو آهي ته سياست کي معيشت کان جدا هجڻ گهرجي، سمورين پارٽين کي ان مقصد لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، اسان ميثاق معيشت ذريعي نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ڏيوالپڻي جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ اڄ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي سبب 2030ع تائين پاڪستان جي 20 وڏين معيشتن ۾ شامل ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ صلاحيت موجود آهي ۽ هي ملڪ جلد جي 20 ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته موجوده معاشي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ جي لاءِ او اي سي ڊي ۽ سوئس حڪومت سان معاهدن جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام ٿيندي. ايندڙ مالي سال جي حوالي سان هن چيو ته اڻ سڌن ٽيڪسن ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ نه آهي. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سال 17 – 2016ع جي اقتصادي سروي جي ڪاپي جي باضابطا رونمائي ڪئي. ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري رانا افضل خان، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري، شماريات وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ شماريات سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي هڪ سوال جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته هو سدائين ان ڳالهه جو حامي رهيو آهي ته سياست کي معيشت کان جدا هجڻ گهرجي، سمورين پارٽين کي ان مقصد لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، اسان ميثاق معيشت ذريعي نتيجا حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ڏيوالپڻي جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ اڄ اسان جي حڪومت جي ڪارڪردگي سبب 2030ع تائين پاڪستان جي 20 وڏين معيشتن ۾ شامل ٿيڻ جون اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ صلاحيت موجود آهي ۽ هي ملڪ جلد جي 20 ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته موجوده معاشي ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت نه پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ جي لاءِ او اي سي ڊي ۽ سوئس حڪومت سان معاهدن جهڙن قدمن جي نتيجي ۾ ٽيڪس چوري جي روڪٿام ٿيندي. ايندڙ مالي سال جي حوالي سان هن چيو ته اڻ سڌن ٽيڪسن ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪا تجويز غور هيٺ نه آهي. ان کان اڳ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار سال 17 – 2016ع جي اقتصادي سروي جي ڪاپي جي باضابطا رونمائي ڪئي. ناڻي وارو پارلياماني سيڪريٽري رانا افضل خان، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري، شماريات وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ شماريات سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.