وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو

وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو

جده (پاکستان نیوزپوائنٹ 12جون2017ء) وزيراعظم محمد نواز شريف نار ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل صورتحال سبب سعودي عرب جي دوري تي سومر ڏينهن هتي پهچي ويو، مڪه شريف جي گورنر شهزاده فيصل بن عبدالعزيز وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ سينئر عملدار به وزيراعظم سان گڏ آهن.