بلوچستان ۾ رستن جي تعمير سان ترقي، امن ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

بلوچستان ۾ رستن جي تعمير سان ترقي، امن ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

سبي (پاکستان نیوز پوائنٹ یکم ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۾ رستن جي تعمير سان ترقي، امن ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، پٺتي پيل علائقن ۾ رستن جي تعمير حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سي پيڪ جو منصوبو دشمنن کي هضم نه ٿي رهيو آهي، اهي اندروني ۽ ٻاهريون طاقتون بي نقاب ٿي چڪيون آهن جن بلوچستان جي عوام کي محروم ڪيو، الله جي فضل ۽ ڪرم سان دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي، پنهنجي منزل تي پهچي ئي ساهه پٽينداسين، بلوچستان جي عوام جا خواب پورا ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، قومي وحدت بابت ترقي جي تصور کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون. هو ڪالهه خميس ڏينهن هتي سبي ڪوهلو رستي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، بلوچستان جو وڏو وزير سردار ثناءُ الله زهري، ترقي ۽ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پورٽس اينڊ شپنگ وارو وفاقي وزير حاصل بزنجو، سيفران وارو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ناصر خان جنجوعه، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل عامر رياض ۽ اين ايل سي جو سربراهه ميجر جنرل مشتاق پڻ موجود هو. وزيراعظم چيو ته هر نئون رستو هڪ نئين امڪان جو رستو کولي ٿو، اڄ جنهن رستي جو افتتاح ٿيو آهي ته اهو رڳو رستي جو ئي نه افتتاح نه پر خوشحالي ۽ امن ۽ ترقي جي امڪانن جو دروازو کولي رهيو آهي، بلوچستان جي خوشحالي اسان جي منزل آهي، ان تائين پهچڻ لاءِ رستن جي تعمير لازمي آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي لاءِ دعوائون اڳ به ڪيون ويون ۽ صوبي جي ترقي کي پنهنجي منزل قرار ڏنو ويو پر ان منزل تائين پهچڻ جي لاءِ رستا به ضروري هئا. هن چيو ته اڄ جيڪي رستا ٺهي رهيا آهن اهي ترقي جا رستا آهن، بهترين انفراسٽرڪچر کانسواءِ ترقي جو خواب اڌورو رهندو آهي، اڄ کان اڳ ڪنهن اهڙن علائقن ۾ رستا ٺاهڻ جو سوچيو ئي نه هو ۽ جيڪڏهن سوچيو به هو ته ڪجهه ڪيو نه هو. هن چيو ته ترقي لاءِ ٻه ڳالهيون ضروري آهن، سڀ کان بنيادي شيءَ جديد انفراسٽرڪچر آهي، سيڙپڪار کي مواصلات جي ڀروسي جوڳي نظام کانسواءِ اعتماد نه ٿو ڏئي سگهجي، سيڙپڪار عالمي منڊي تائين پهچ چاهين ٿا، اسان کي انفراسٽرڪچر کي پوري ملڪ ۾ پکيڙڻو آهي خاص طور تي اهڙن علائقن ۾ جتي رستا موجود نه آهن ۽ عوام ٻين علائقن کان ڪٽيل آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اقتدار سنڀاليو ته بلوچستان جي عوام مسئلن ۾ ورتل هئي، انهن کي دهشتگردي ۽ غربت درپيش هئي، بلوچستان عوام کي ماضي ۾ محروم رکيو ويو، الله جي فضل ۽ ڪرم سان دهشتگردي جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي آهي ۽ اهي اندروني ۽ ٻاهريون طاقتون بي نقاب ٿي چڪيون آهن جن بلوچستان جي عوام کي محروم ڪيو. وزيراعظم پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي جي ادارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي ڪري دهشتگردن کي منهن جي کائڻي پئي آهي. هن چيو ته هاڻي اهو ڏينهن اچي ويو آهي جڏهن بلوچستان جي عوام کي انهن جا حق ملي رهيا آهن ۽ سالن کان محرومين جو ازالو ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نسلن جي محرومين جو خاتمو ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪوهلو سبي جي وچ ۾ پهريون رستو مڪمل ٿي رهيو آهي، ان کان اڳ ڪوهلو سبي جي وچ ۾ 600 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻو پوندو هو، هاڻي عوام کي 600 نه رڳو 174 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته عوام ڀيٽ ڪري ڪٿي 600 ڪلوميٽر ۽ ڪٿيس رڳو 174 ڪلوميٽر. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي عوام رستن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍجندي ۽ مقامي واپارين ۽ آبادگارن کي پڻ آساني ٿيندي ۽ اهي پنهنجو مال وڏين منڊين تائين کڻي وڃي سگهندا، ان سان انهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي ۽ غربت ۾ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته هن علائقي ۾ اسڪول ٺاهيو وڃي ۽ ڊسپينسريون ۽ ننڍيون اسپتالون قائم ڪن ته جيئن هتان جي عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ملن. وڏي وزير واعدو ڪيو آهي ته هو پنهنجي نگراني ۾ اهو ڪم ڪرائيندو. وزيراعظم ان موقعي تي سبي کان ٽلي 20 ڪلوميٽر جي رستي جي تعمير جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته ڪوهلو رکني تائين 80 ڪلوميٽر جو رستو پڻ تمام خراب آهي ان کي به تعمير ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح ڊيره غازي خان تائين تمام بهتر رستو ٺهي ويندو ۽ ان سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو. هن چيو ته آئون اڄ گوادر جو دورو ڪرڻ کانپوءِ هتي آيو آهيان، ان کان اڳ به آئون گوادر وڃي چڪو آهيان ۽ اڄ آئون گوادر ۾ ترقي ڏسي تمام گهڻو خوشي آهيان. هن چيو ته هاڻي جيڪو گوادر ٺهي رهيو آهي اها هڪ تاريخ لکجي رهي آهي، گوادر رڳو پاڪستان جو ئي نه پر خطي جو بهترين ضلعو ٺهندو ۽ فخر جوڳو علائقو هوندو. هن چيو ته حاصل بزنجو ڪجهه دير اڳ اجلاس ۾ هڪ خوبصورت ڳالهه ڪئي آهي ته گوادر پاڪستان آهي ۽ پاڪستان گوادر آهي، گوادر بلوچستان آهي ۽ بلوچستان گوادر آي. وزيراعظم چيو ته سڄي بلوچستان ۾ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ رستن تي ڪم ٿي رهيو آهي، گوادر کان هوشاب، رتوديرو، پنجگور، بسيمه، قلات، ڪوئيٽا، چمن، زوب، جنڊولا سميت مختلف روٽس ٺهي رهيا آهن. هن يقين ڏياريو ته اهي سمورا رستا جلد مڪمل ٿيندا ۽ آئون ان سلسلي ۾ پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته انهن رستن جي تعمير سان بلوچستان ۽ پاڪستان جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي، آبادگار ترقي ڪندا ۽ ان سان ملڪي ترقي ٿيندي ۽ عوام ۾ خوشحالي ايندي. هن چيو ته صوبي جو نوجوان وڏو وزير تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي ۽ هو اهي سمورا خواب پورا ڪندو جيڪي اسان ڏهاڪا اڳ ڏسي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته هي رستو قومي وحدت ۾ اضافو ڪندو، اسان قومي وحدت بابت ترقي جي تصور کي اڳيان وڌائي رهيا آهيون. هن چيو ته بلوچستان ۽ پنجاب جي وچ ۾ به ان رستي جي تعمير سان سفر 180 ڪلوميٽر گهٽ ٿيندو. هن چيو ته ترقي ۽ خوشحالي جا ثمر رڳو وڏن شهرن تائين نه پر پوري ملڪ ۾ پکيڙڻ چاهيون ٿا ان جي لاءِ رستن جي تعمير تمام اهم آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي عظيم منصوبي سان گڏ ان کي ڏسو ته هڪ وڏي تصوير اڀري سامهون اچي ٿي. سي پيڪ گيم چينجر منصوبو آهي، پوري دنيا مان سيڙپڪار هتي ايندا، بلوچستان ۾ موجود معدنيات مان فائدو کنيو ويندو، بلوچستان جي عوام جا خواب پورا ٿيڻ جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. هن چيو ته دشمنن کي اها ڳالهه هضم نه پئي ٿئي، انهن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائينداسين ۽ انشاءَ الله پنهنجي منزل تي پهچي ئي ساهه پٽينداسين. وزيراعظم اين ايل سي جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن مشڪل حالتن ۾ ان رستي جي تعمير ڪئي ۽ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته هي نه وسارڻ جوڳو باب آهي. هن چيو ته مشڪلاتن جو دور گذري چڪو آهي، ايندڙ ڏينهن ماضي جي ڀيٽ ۾ سٺا هوندا، اسان ترقي جو سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي.