پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، معيشت فعال ۽ پائيدار بنيادن تي قائم آهي، صنعت جو ڦيٿو هلي رهيو آهي، توانائي جي شعبي ۾ درپيش چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، معيشت فعال ۽ پائيدار بنيادن تي قائم آهي، صنعت جو ڦيٿو هلي رهيو آهي، توانائي جي شعبي ۾ درپيش چئلينجن تي ڪاميابي  سان ضابطو آندو آهي: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

ڪراچي (پاکستان نیوزپوائنٹ20نومبر2017ء) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي، معيشت فعال ۽ پائيدار بنيادن تي قائم آهي، صنعت جو ڦيٿو هلي رهيو آهي، توانائي جي شعبي ۾ درپيش چئلينجن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اسان جي حڪومت خوش قسمت آهي جو هن جنهن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ان کي مڪمل به ڪيو، مستقبل ۾ ايل اين جي ٽرمينلز ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، ايندڙ ٽن سالن ۾ ايل اين جي طلب 30 ملين ٽن کان وڌي ويندي، مختلف ڌرين پاران تنقيد ۽ اعتراضن جي باوجود اها هڪ حقيقت آهي ته ايل اين جي توانائي جو سستو ترين ذريعو آهي. هو ڪالهه سومر ڏينهن هتي پورٽ قاسم تي ايل اين جي گئس ٽرمينل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر محمد زبير، مملڪتي وزير ڄام ڪمال، چوڌري جعفر اقبال کانسواءِ وڏي انگ ۾ سيڙپڪارن ۽ ٻين اهم شخصيتن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ صنعت جو ڦيٿو ڦري رهيو آهي. هن چيو ته 2013ع ۾ حڪومت سنڀالي ته توانائي سميت مختلف چئلينجز درپيش هئا، بجلي جي کوٽ سبب صنعت ۽ گهريلو صارفين بري طرح متاثر ٿي رهيا هئا. گئس جي کوٽ سبب ڀاڻ جا ڪارخانا ۽ گهريلو صارفين کي گهٽتائي درپيش هئي، حڪومت توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي. توانائي ماهرن پاران ٻڌايو ويو ته ايل اين جي گئس کي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ 7 سال لڳندا، اسان جي حڪومت اچڻ تي گهريلو ۽ صنعتي شعبي ۾ گئس جو سخت بحران هو. وزيراعظم چيو ته بجلي جي کوٽ سبب صارفين بري طرح متاثر ٿي رهيا هئا، گئس جي کوٽ سبب ڪارخانن ۽ گهريلو صارفين کي گهٽتائي درپيش هئي. توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ گئس کي نظام ۾ شامل ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي. اڄ صورتحال مختلف آهي. پيٽروليم واري وزارت ۾ ان ڳالهه جو ادراڪ ڪيو ويو ته جيڪڏهن سسٽم ۾ وڌيڪ گئس شامل نه ڪنداسين ته توانائي جي بحران جو خاتمو ممڪن نه ٿيندو، ان جو ادراڪ ڪندي اسان وڌيڪ گئس سسٽم ۾ شامل ڪئي، صنعتي شعبي کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي گئس جي فراهمي جاري آهي. جلد اسان گئس ۾ سرپلس ٿي وينداسين. گئس ۽ بجلي جا وڌيڪ پلانٽس اچي رهيا آهن. گئس پلانٽس، سي اين جي ۽ صنعتي ضرورتن جي ڪري گئس جي طلب هڪ بلين ڪيوبڪ فٽ (بي سي ايف) آهي. هن چيو ته ٻئي ايل اين جي ٽرمينلز هڻڻ سان وڌيڪ مقدار ۾ گئس دستياب هوندي، 2 وڌيڪ ٽرمينلز هنيا پيا وڃن. انهن جو انگ وڌي به سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اهي ٽرمينلز بنا حڪومتي خودمختيار گارنٽي جي لڳي رهيا آهن ۽ هي پهريون منصوبو آهي جيڪو اهڙي قسم جي حڪومتي گارنٽي کانسواءِ لڳو آهي ۽ آئنده به اهڙا وڌيڪ ٽرمينلز قائم ٿيندا. هن چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاوربار ڪرڻ نه آهي پر ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم چيو ته 1360 ميگاواٽ جي ڪول پاور پلانٽ جو حتمي مرحلو مڪمل ٿيڻ تي آهي، ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪندڙ وڌيڪ بجلي گهر به لڳي رهيا آهن. حڪومت توانائي جي مختلف ذريعن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ملڪ ۾ ٽرمينلز پنهنجي مڪمل صلاحيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن ملڪي معاشي ترقي جو ذڪر ڪندي چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ واڌويجهه جي شرح 5.3 سيڪڙو جڏهن ته ايندڙ سال 6 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گئس جي حوالي سان هڪ وڏي مارڪيٽ آهي. ان ۾ ايل اين جي هڪ سستو ترين ذريعو آهي. هن چيو ته حڪومت توانائي چئلينجز تي قدم کڻي رهي آهي. اسان جيڪي به منصوبا شروع ڪيا ان کي پورو ڪيو. ماضي ۾ سياستدان ۽ حڪومتون رڳو منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکنديون هيون پر اسان خوش قسمت آهيون جو جنهن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ان کي مڪمل به ڪيو. وزيراعطم چيو ته پاڪستان گئس پورٽ ڪنسوريشم جي تعاون سان هي ٽرمينل قائم ڪيو آهي جنهن ۾ چين، جاپان ۽ يورپ جون ڪمپنيون شامل آهن. وزيراعظم چيو ته اقبال زيڊ احمد محنت سان ٽرمينل منصوبو مڪمل ڪيو. توانائي جي شعبي ۾ اقبال زيڊ جو ڪم ساراهه جوڳو آهي.