ڊگهي مدي وارن منصوبن، صنعتي تعاون، گوادر، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سيڪيورٽي جي ورڪنگ گروپس ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عهديدار، لاڳاپيل شعبن جا ماهر شريڪ آهن: عاصم خان

ڊگهي مدي وارن منصوبن، صنعتي تعاون، گوادر، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سيڪيورٽي جي ورڪنگ گروپس ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عهديدار، لاڳاپيل شعبن جا ماهر شريڪ آهن: عاصم خان

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20نومبر2017ء) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت جي ترجمان عاصم خان چيو آهي ته ڊگهي مدي وارن منصوبن، صنعتي تعاون، گوادر، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سيڪيورٽي جي ورڪنگ گروپس ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل وزارتن جا اعليٰ عهديدار، لاڳاپيل شعبن جا ماهر شريڪ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن ستين گڏيل تعاون ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ورڪنگ گروپس جي اجلاسن ۾ لاڳاپيل شعبن بابت جاري اقتصادي لنگهه تحت جاري منصوبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي، لاڳاپيل ورڪنگ گروپس جي جائزا اجلاسن ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ نون منصوبن کي لنگهه جو حصو بڻائڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ورڪنگ گروپس جي اجلاس ۾ منصوبن جون حتمي سفارشون گڏيل تعاون ڪميٽي جي سربراهه اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيون وينديون.