سينيٽ فوجداري قانون (ترميمي) بل 2017ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

سينيٽ فوجداري قانون (ترميمي) بل 2017ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20نومبر2017ء) سينيٽ فوجداري قانون (ترميمي) بل 2017ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر چوڌري تنوير خان رٿ پيش ڪئي ته فوجداري قانون (ترميمي) بل 2017ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي. هن چيو ته اهو بل شراب نوشي ڪري هنگامو ڪندڙن جي لاءِ سزا کي سخت بڻائڻ بابت آهي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شقوار منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.