پاڪستان ۽ ناروي پاران ترقياتي تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار

پاڪستان ۽ ناروي پاران ترقياتي تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار

ڊيووس (پاکستان نیوز پوائنٹ 19نوری2016ء) پاڪستان ۽ ناروي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته ناروي جي وزيراعظم پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو آهي. گذريل ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي 47 هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف ناروي جي پنهنجي هم منصب ارنا سولبرگ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ناروي سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جولائي 2015ع ۾ پنهنجي ناروي جي مثبت دوري، سيپٽمبر 2015ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ساڻس ملاقات جو به نواز شريف حوالو ڏنو، هن ناروي جي وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس حڪومت امداد بدران واپار، اقتصادي تعاون تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته ناروي پاڪستان جو سيڙپڪاري، واپاري ۽ ترقياتي تعاون ۾ هڪ مضبوط حصيدار آهي، ٻنهي اڳواڻن تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ناروي جي وزيراعظم چيو ته سندس ملڪ پاڪستان ۾ پهرين ئي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، هن پاڪستان ۾ واپار جي موقعن مان مڪمل طور تي فائدو کڻن جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي اقتصادي تجديد کي ساراهيندي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪاميابين جي به واکاڻ ڪئي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه جي ان تسلسل کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي، هن ناروي جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم نواز شريف سياسي ۽ معاشي سطح تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان سان صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ناروي جي ترقياتي تعاون کي به ساراهيو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 17:24