پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي جو اجلاس

پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي جو اجلاس

بيجنگ (پاکستان نیوز پوائنٹ 29دسمبر2016ء) پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي جو ڇهون اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ شروع ٿيو. پاڪستان پاران اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال جڏهن ته چين پاران صدارت اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين وانگ زيائو تاو ڪري رهيو هو. پاڪستاني وفد ۾ ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار طارق فاطمي پڻ شامل آهن. اجلاس ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پرويز خٽڪ، بلوچستان جو وڏو وزير نواب ثناءُ الله زهري ۽ گلگت بلتستان جو وڏو وزير حفيظ الرحمان پڻ موجود هئا. پنجاب جي نمائندگي انڊسٽري جو صوبائي وزير شيخ علاءُ الدين ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ مختلف وفاقي ۽ صوبائي وزارتن ۽ ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا. جي سي سي اجلاس ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ نوان منصوبا شامل ڪرڻ جي فيصلي جو پڻ امڪان آهي. اي پي پي/ع – ک 18:17