وزيراعظم بوسنيا هرزيگووينا جي دوري کانپوءِ وطن روانو

وزيراعظم بوسنيا هرزيگووينا جي دوري کانپوءِ وطن روانو

سراجيوو (بوسنيا) (پاکستان نیوز پوائنٹ 22دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف بوسنيا هرزيگووينا جي گادي واري شهر جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري کانپوءِ ڪالهه خميس ڏينهن هتي وطن روانو ٿي ويو. سراجيوو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گارڊ آف آرنر جي الوداعي تقريب ٿي. وزيراعظم سراجيوو ۾ رهڻ دوران بوسنيا هرزيگووينا جي قيادت ۽ پارليامينٽرينز سان ملاقاتون ڪيون ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو جائزو ورتو. دوري دوران وزيراعظم بزنس فورم کي خطاب کانسواءِ رئيس العلماءِ سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ع – ک 16:45