وزيراعظم بوسنيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

وزيراعظم بوسنيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

سراجيوو (پاکستان نیوز پوائنٹ 20دسمبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن بوسنيا جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي هتي پهچي ويو. بوسنيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير ازمير جيسڪو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن بوسنيائي گادي واري شهر ۾ وزيراعظم ۽ سندس وفد جي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي بوسنيا ۾ پاڪستان جو سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) سليم نواز ۽ بوسنيائي سفير نديم مڪاروڪ پڻ موجود هئا. وزيراعظم جيئن ئي جهاز مان لٿو ته کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. روايتي لباس پهريل ٻارن وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو. وزيراعظم 20 کان 22 ڊسمبر تائين بوسنيا جي وزيرن جي ڪائونسل جي چيئرمين (وزيراعظم) ڊاڪٽر ڊينس زيودي وچ جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي، بيگم ڪلثوم نواز ۽ وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو خصوصي معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي هم منصب سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪندو جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ٻنهي طرفن کان وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهيون ٿينديون. ٻئي ملڪ سياسي، واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن، بين الپارلياماني رابطن ۽ ثقافتي ۽ تعليمي رابطن جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيندي وسيع تر گڏيل لاڳاپن جو جائزو وٺندا. وزيراعظم نواز شريف بوسنيا جي پريزيڊنسي جي ميمبرن کانسوا3 پارلياماني اسيمبلي جي هيٺئين ايوان ۽ مٿئين ايوان جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پڻ ملندو. هو رئيس العلماءِ حسين ايف ڪوازويڪ سان پڻ ملندو. وزيراعظم بوسنيا هرزيگووينا جي بزنس فورم کي خطاب ڪندو ۽ فارن ٽريڊ چيمبر اينڊ فارن انويسٽمينٽ پروموشن ايجنسي جي ميمبرن سان پڻ ملندو.