خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب ڪشمير مسئلو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب ڪشمير مسئلو آهي: وزيراعظم محمد نواز شريف

باڪو/ آذربائيجان (پاکستان نیوز پوائنٹ 15اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته خطي ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب ڪشمير مسئلو آهي، ڀارت کي پنهنجي واعدي موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ان مسئلي جي حل لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ملڪ ۾ برداشت جو نئون سياسي ڪلچرل متعارف ڪرايو آهي جنهن تحت هر پارٽي جي مينڊيٽ جو احترام ڪيو ويو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته اڙي واقعي جي 6 ڪلاڪن گذرڻ کانپوءِ ئي ڀارت پاڪستان جي خلاف الزام بازي شروع ڪري ڇڏي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي. هن ڀارت پاران اڙي واقعي تي بي بنياد الزام رد ڪندي چيو ته لائين آف ڪنٽرول تان ڪا دخل اندازي نه ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ڳالهين ذريعي پراڻي مسئلي جي حل جي آڇ ڪئي تنهن هوندي به ڀارت پاران ان جو مثبت جواب نه ڏنو ويو، جيڪڏهن ڀارت مسئلي جي حل لاءِ سنجيده آهي ته پاڪستان ڳالهين لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي حڪومت ٺاهي آهي ۽ اسان ان جو احترام ڪريون ٿا ۽ اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي مخالف ڌر جي پارٽي جي حيثيت سان احترام ڪريون ٿا ايستائين جو خيبرپختونخواهه جتان مينڊيٽ حاصل ڪندڙ اسان جي خلاف غيراخلاقي زبان استعمال ڪري رهيا آهن اسان اتي به عوامي مينڊيٽ جو احترام ڪيو آهي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته مختلف عنصرن پاران انارڪي پکيڙڻ جي ڪوششن جي باوجود اسان ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ڪجهه عنصر ملڪ کي بند ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن ته اسان ملڪ کي ترقي جي رستي تي وٺي وينداسين. هن چيو ته 2018ع تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي نظام ۾ شامل ٿي ويندي، سڄي ملڪ ۾ توانائي جي وڏن منصوبن تي ڪم جاري آهي، بجلي جي قيمتن ۽ لوڊشيدنگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، صنعتن کي بنا رڪاوٽ جي 24 ڪلاڪ بجلي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبو ترجيحي بنيادن تي مڪمل ٿيندو.