وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر جي ٻه طرفي لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ

وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر جي ٻه طرفي لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ

باڪو (پاکستان نیوز پوائنٹ 14اکتوبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان وسيع ٻه طرفي لاڳاپن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي وچ ۾ مضبوط اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابطا هموار ڪرڻ تي زور ڏنو. جمعي ڏينهن هتي وفدن جي سطح تي ڳالهين کان اڳ نويڪلائي ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي موجوده رشتن کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي نئين رابطن ۾ منتقل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن آذربائيجان جي صدر کي پنهنجي حڪومت جي توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ بجلي جي منصوبن جي باري ۾ آگاهه ڪيو جيڪو 46 ارب ڊالر لاڳت جي پاڪ چين اقتصادي راهداري تحت مڪمل ڪيا پيا وڃن ۽ ان سان وچ ايشيائي رياستن جي سيڙپڪارن جي لاءِ به سيڙپڪاري جا بي شمار موقعا موجود آهن، وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس حڪومت گڏيل خوشحالي جي ذريعي وسيع تر علائقائي رابطن جي لاءِ پرعزم آهي ۽ سمورن وچ ايشيائي رياستن سان مضبوط رابطا هموار ڪري رهي آهي. ٻنهي طرفن کان عالمي معاملن، ڏکڻ ايشيا جي صورتحال خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پاڪستان ۽ آذربائيجان پنهنجي ويجهي سياسي لاڳاپن کي سمورن شعبن خاص طور تي معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ دفاع جي ميدان ۾ ٺوس تعاون ۾ تبديلي ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم والاريل ڪشمير جي تڪرار تي آذربائيجان جي پاڪستان جي لاءِ حمايت جي واکاڻ ڪئي، ان کان اڳ صدر الهام عليوف وزيراعظم جو صدارتي محل اچڻ تي والهاڻو استقبال ڪيو ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.