وزيراعظم گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپسي لاءِ لنڊن روانو

وزيراعظم گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وطن واپسي لاءِ لنڊن روانو

نيويارڪ(پاکستان نیوز پوائنٹ 23ستمبر 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف گڏيل قومن ۾ زبردست سفارتي ڪوششن سان پنج مصروف ڏينهن گذارڻ کانپوءِ وطن واپسي لاءِ جمعي ڏينهن هتان کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي اداري تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي کيس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي، سفير جليل عباس جيلاني ۽ پاڪستان مشن جي ٻين سينئر عملدارن الوداع ڪيو. گڏيل قومن جي ماهرن موجب وزيراعظم جي موثر ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪشمير ڪاز اجاگر ٿيو جنهن ان مسئلي طرف عالمي برادري جو ڌيان ڏياريو. وزيراعظم جي دوري جو اهم رخ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي سندس خطاب هو جنهن ۾ هن ڏهاڪن پراڻي ڪشمير تڪرار کي سڄي دنيا جي اعليٰ سطح نمائندن جي سامهون تفصيل سان پيش ڪيو. هن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هٿان بي گناهه ڪشميرين جي شهادتن جي بين الاقوامي جاچ جو مطالبو ڪيو جيڪو هاڻي وڌي 108 ٿي ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ٿيا، ڇرن واري بندوق جي فائرنگ سان 150 کان وڌيڪ ماڻهن جو نور متاثر ٿيو، وزيراعظم گڏيل قومن ۾ مختلف عالمي اڳواڻن برطانوي وزيراعظم ٿريسامي، ايراني صدر حسن روحاني، سعودي ولي عهد شهزاده نائف، چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپاني وزيراعظم شنزوايبي، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون سان به ملاقاتون ڪيون. هن آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري سميت سمورن عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ بي گناهه ڪشميرين جي خلاف ڀارتي ظلمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته هاڻي عالمي برادري جي ذميداري آهي ته هو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحاڻي ڪاررواين جو نوٽيس وٺي. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر پهرين ئي والاريل ڪشمير ۾ فيڪٽ فائيڊنگ مشن موڪلڻ جي آڇ ڪئي آهي جڏهن ته ترڪي او آءِ سي جو مشن به والاريل ڪشمير موڪلڻ جي تجويز ڏني آهي تنهن هوندي به والاريل ڪشمير ۾ ست لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجين هٿان ڪشميرين تي ڪيل ظلمن جو جائزو ورتو وڃي. وزيراعظم ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم بابت گڏيل قومن جي سربراهه کي هڪ دستاويز به پيش ڪيو ۽ چيو ته سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن برطانيه، چين، فرانس، روس ۽ آمريڪا کي به هي دستاويز پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سفارتڪارن کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو لاڳاپيل ملڪن جي حڪومتن کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان آگاهه ڪري. وزيراعظم چيو ته دنيا کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪندا رهنداسين.