سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 19نوری2016ء) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آئيني ترميمي بل 2016ع کي ڪجهه ترميمن سان منظور ڪري ورتو آهي جنهن جي ذريعي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي 90 ڏينهن ۾ ريفرنس جو فيصلو ڪرڻ جو پابند ڪيو ويندو، جڏهن ته نيشنل ڪميشن فار انٽرنيشنل لا اينڊ ڪمٽمنٽس بل 2016ع کي اڪثريتي راءِ سان رد ڪيو ويو، اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر محمد جاويد عباسي جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ سينيٽر سعيد غني جي بل کي گڏيل پارلياماني ڪميٽي ڏانهن جائزي لاءِ موڪليندي سينيٽر سسئي پليجو، سينيٽر مختار احمد ڌامراه ۽ سينيٽر ڪريم احمد خواجه جي علائقائي ٻولين کي سرڪاري بڻائڻ بابت بلن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سعيد غني جي نيب بابت بل جي باري ۾ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين وفاقي وزير زاهد حامد جي سربراهي ۾ گڏيل پارلياماني ڪميٽي قائم آهي، سينيٽر سسئي پليجو چيو ته وفاقي حڪومت هڪ فنڊ قائم ڪري جنهن سان قومي ٻولين کي فروغ ڏئي سگهي، سينيٽر ڪريم احمد خواجه جي علائقائي ٻولين کي سرڪاري زبان قرار ڏيڻ بابت بل جو به تفصيل سان جائزو ورتو ويو، سينيٽر فرحت الله بابر چيو ته 1973ع جي آئين ۾ علائقائي ٻولين کي اها اهميت ناهي ڏني وئي جيڪا ڏيڻ گهربي هئي، ان تي نظرثاني ڪئي وڃي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سليم ضياءُ، سيد مظفر حسين شاهه، نهال هاشمي، عائشه رضا فاروق، زاهده خان، ڪريم احمد خواجه، سسئي پليجو، مختار احمد ڌاريجو، تاج حيدر، شاهي سيد، محمد اعظم خان سواتي، حاجي مومن سان آفريدي، ثمينه عابد، سردار محمد اعظم خان موسيٰ خيل، محمد دائود خان اچڪزئي، فرحت الله بابر، محمد عثمان ڪاڪڙ، ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي کانسواءِ قانون واري سيڪريٽري ڪرامت علي نيازي، قانون واري وزارت جي ايڊيشنل ڊرافٽ مين شيخ سرفراز، ڊي جي نيب، صدر اسلام آباد هائيڪورٽ بار طارق محمود جهانگيري، چيئرمين ايگزيڪيٽو ڪميٽي اسلام آباد بار ڪائونسل شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 19:00