اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ نئين ايمينسٽي اسڪيم آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي: زاهد حامد

اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ نئين ايمينسٽي اسڪيم آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي: زاهد حامد

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته صنعت ۽ واپار واري وفاقي ايوان ۽ ٻين ڌرين طرفان کان اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ نئين ايمينسٽي اسڪيم آڻڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، حڪومت اڃان تائين اها اسڪيم شروع ڪرڻ جو ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر ميان عتيق شيخ پاران التوا واري رٿ تي بحث سهڙيندي هن چيو ته سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ به اهو معاملو غور هيٺ آيو هو پر اسٽينڊنگ ڪميٽي جو به خيال هو ته ٽيڪس ايمينسٽي اسڪيم هڪ سٺي اسڪيم ثابت ٿي سگهي ٿي. وفاق صنعت ۽ واپار پاران کان به ٻاهرين ملڪن کان اثاثا آڻڻ لاءِ ايمينسٽي اسڪيم آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پاڪستان هاڻي هڪ عالمي معاهدي تي به صحيح ڪئي آهي، جنهن تحت ان جا ميمبر ملڪ پاڻمرادي طريقي سان اڪائونٽس، مالياتي معاملن ۽ جائيداد سميت مختلف معلومات جي هڪ ٻئي سان مٽاسٽا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت اڃان تائين ايمينسٽي اسڪيم آڻڻ جو ڪو حتمي فيصلو ناهي ڪيو، انڊونيشيا هڪ ٽيڪس ايمينسٽي اسڪيم شروع ڪئي هئي جنهن دوران 277 ارب ڊالر جا اثاثا ظاهر ڪيا ويا اهڙي طرح ڀارت ۾ به هڪ اسڪيم شروع ڪئي وئي جنهن دوران 97 ارب ڊالر کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر ڪيا ويا. هن چيو ته سينيٽ جي ميمبرن پاران هن اسڪيم جي حوالي سان جيڪي به نقطا کنيا ويا آهن انهن جي حوالي سان ناڻي واري وزارت کي آگاهه ڪيو ويندو جيتوڻيڪ هينئر تائين حڪومت ٽيڪس ايمينسٽي اسڪيم شروع ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ان کان اڳ التوا واري رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر اعظم سواتي چيو ته حڪومت جا جيڪي سٺا قدم آهن اسان انهن کي ساراهيون ٿا پر اهڙن قدمن کان پاسو ڪيو وڃي جنهن سان مخصوص ماڻهن کي فائدو پهچي، هن چيو ته بدعنواني سبب اسان جي معاشري ۾ منفي رجحان وڌي رهيا آهن، نئين ايمينسٽي اسڪيم آڻي ڪنهن کي فائدو پهچائڻ صحيح نه ٿيندو، سينيٽر طاهر حسين مشهدي چيو ته بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي. ايمينسٽي اسڪيم آڻڻ جي موجوده حالتن ۾ ڪا به ضرورت نه آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م14:18