سينيٽ پاران بنا نالي مٽاسٽا جي ناڻي (روڪٿام) بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور

سينيٽ پاران بنا نالي مٽاسٽا جي ناڻي (روڪٿام) بل 2016ع اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17نوری2016ء) سينيٽ بنا نالي مٽاسٽا جي ناڻي (روڪٿام) بل 2016ع جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي. اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ان سلسلي ۾ رٿ پيش ڪئي ته بنا نالي مٽاسٽا جي ناڻي (روڪٿام) بل 2016ع کي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي، سينيٽ رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي. مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن بل ۾ هڪ ترميم به پيش ڪئي، چيئرمين بعد ۾ بل شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي ترميم سان منظور ڪيو ويو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م13:56